نتاشا علي، حرا ماني کي ” غير مهذب“ قرار ڏئي ڇڏيو

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) اداڪارا نتاشا علي، ساٿي اداڪارا حرا ماني تي سخت تنقيد ڪندي ماضي جي ڀيٽ ۾ کيس ”غير مهذب“ قرار ڏئي ڇڏيو.
ويجهڙ نتاشا علي نجي ٽي وي چئنل جي هڪ پروگرام ۾ شرڪت ڪئي، جتي هن مختلف مضوعن تي تفصيلي ڳالهايو.
پروگرام دوران ڳالهائيندي نتاشا ٻڌايو ته هن شروع کان ئي سادي نموني شادي ڪرڻ جو سوچيو هو، انڪري هن پنهنجي شادي به سادگي سان ڪئي.
سندس چوڻ هو ته هن ڪورونا جي وبا دوران خاموشي سان ۽ بنا ڪنهن فضول خرچن جي شادي ڪرڻ کي ترجيح ڏني ڇو ته هو وڏي خرچ واري شادي جي حامي ناهي.
نتاشا علي ٻڌايو ته کيس ”انوکي“ نالي ڊرامي ۾ پنهنجو ڪردار سڀني کان گهڻو پسند آهي ۽ ان ڪردار کانپوءِ کيس شهرت ملي.
هن چيو ته ”ڊولي ڪي آئيگي بارات“ ڊرامي ۾ سندس ڪردار کي به تمام گهڻي مقبوليت ملي، پر ان کانپوءِ ماڻهن سمجهيو ته هوءَ رڳو ان ڊرامي ۾ ڪم ڪيو آهي ۽ سندس ٻيو ڪم نظرانداز ڪيو ويو.
محبت بابت سوال تي نتاشا اعتراف ڪيو ته هوءَ به محبت ۾ دل ٽوڙائي چڪي آهي پر هن ان بابت وڌيڪ وضاحت نه ڪئي.
هن چيو ته جيڪي ماڻهو چون ٿا ته کين محبت ڪڏهن به نه ٿي ۽ انهن جو دل نه ٽُٽي اهي ماڻهو ڪوڙا آهن ڇو ته شادي کان اڳ گهڻي ڀاڱي هر ڪنهن جي دل ٽُٽندي آهي.
پروگرام جي هڪ سيگمينٽ ۾ هن اداڪارا هانيا عامر جي اداڪاري جي واکاڻ ڪندي کيس 10 مان 10 نمبر ڏنا.
ماهرا خان کي 9 نمبر، ثروت گيلاني کي 5 نمبر ۽ حريم فاروق کي 6 نمبر ڏنا.
ساڳئي سيگمينٽ ۾، نتاشا علي حرا ماني کي 10 مان 5 نمبر ڏنا ۽ چيو ته پهرين سندس نمبر وڌيڪ هئا، پر هاڻ گهٽجي ويا آهن.
نتاشا علي ٻڌايو ته حرا ماني هاڻ”عجيب حرڪتون“ ڪرڻ لڳي آهي ۽ پنهنجو رويو بدلائي ڇڏيو آهي، جنهنڪري سندس نمبر گهٽجي ويا آهن.
هن چيو ته حرا ماني ماضي ۾ تمام گهڻي مهذب ۽ ٻاجهاري هئي، پر هاڻ هوءَ اهڙيون حرڪتون ڪرڻ لڳي آهي، جيڪي ٻين ماڻهن کي سٺيون نٿيون لڳن، تنهنڪري سندس نمبر گهٽجي ويا آهن.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.