ڪراچي (ويب ڊيسڪ) سنڌ حڪومت ٻوڏ متاثر هارين لاءِ امدادي فنڊ وڌائي ڇڏيا، جڏهن ته ڪراچي واٽر اينڊ سيوريج ڪارپوريشن لاءِ 10.56 ارب رُپين جو بنا وياج قرض به منظور ڪيو ويو آهي.
سنڌ جي اطلاعات واري وزير شرجيل انعام ميمڻ آگاهي ڏيندي چيو ته 2022ع جي ٻوڏ سبب متاثر ٿيل هارين لاءِ امدادي فنڊن ۾ واڌ ڪئي وئي آهي، هن پيڪيج تحت فصلن جي نقصان جو ازالو، ٻجن جي فراهمي ۽ زمينن جي بحالي لاءِ مالي مدد شامل آهي.
هن ٻڌايو ته امدادي فنڊن ۾ واڌ سنڌ فلڊ ريهيبيليٽيشن پروگرام جو حصو آهي، جيڪو اڳ ئي دنيا جو سڀ کان وڏو آفت متاثر گهرن جي بحاليءَ وارو پروگرام قرار ڏنو ويو آهي.
سندس چوڻ هو ته صوبائي ڪابينا سکر ۽ حيدرآباد ۾ نون صنعتي زونن جي منظوري ڏئي ڇڏي آهي، جيڪي پبلڪ پرائيويٽ پارٽنرشپ تحت قائم ڪيا ويندا.
هن چيو ته حيدرآباد ۾ 951 ايڪڙ ايراضي سنڌ اڪنامڪ زونز مينيجمينٽ ڪمپني کي منتقل ڪئي ويندي، ان منصوبي سان صوبي ۾ 55 هزار کان وڌيڪ روزگار جا موقعا پيدا ٿيندا ۽ معيشت کي نئين رخ ملندو.
شرجيل ميمڻ وڌيڪ چيو ته سنڌ ڪابينا ڪراچي واٽر اينڊ سيوريج ڪارپوريشن لاءِ 10.56 ارب رپين جو بنا وياج قرض منظور ڪيو آهي، ان منصوبي تحت ڊملوٽي کان ڊي ايڇ اي تائين 36 ڪلوميٽر ڊگهي واٽر پائپ لائن وڇائي ويندي، جنهن سان پاڻي کوٽ تي ضابطو آڻڻ ۾ مدد ملندي.
هن ٻڌايو ته هن وقت ڊي ايڇ اي کي روزانو 15 ايم جي ڊي پاڻي جي ضرورت آهي، جڏهن ته رڳو 5 ايم جي ڊي پاڻي فراهم ٿي رهيو آهي.
اطلاعات واري وزير چيو ته صوبائي ڪابينا سنڌ بئنڪ سان مفاهمتي يادداشت (ايم او يو) جي منظوري ڏئي ڇڏي آهي ته جيئن بينظير هاري ڪارڊ کي جلد کان جلد فعال بڻائي سگهجي.
هن چيو ته بينظير هاري ڪارڊ ذريعي هارين کي زرعي خرچن تي سبسڊي، نرم قرض ۽ آفتن کان بچاءُ لاءِ مالي مدد فراهم ڪئي ويندي، هن وقت تائين 2 لک 37 هزار کان وڌيڪ هاري رجسٽر ٿي چڪا آهن ۽ 88871 درخواستن جي تصديق به مڪمل ڪئي وئي آهي.
You might also like