پشاور (ويب ڊيسڪ) عوامي نيشنل پارٽي جي سڃاڻپ ۽ بلور خاندان سان واسطو رکندڙ ثمر بلور ن ليگ ۾ شموليت اختيار ڪري ورتي.
ذريعن موجب وزيراعظم شهباز شريف سان ملاقات ۾ ثمر بلور ن ليگ ۾ شموليت جو اعلان ڪيو، ان موقعي تي وزيراعظم چيو ته ثمر بلور جي شامل ٿيڻ سان صوبي ۾ پارٽي مضبوط ٿيندي.
واضح رهي ته ثمر بلور اي اين پي جي شهيد اڳواڻ هارون بشير بلور جي بيواهه آهي، جون 2020 ۾ کيس خيبر پختونخواهه اي اين پي جي صوبائي سيڪريٽري اطلاعات مقرر ڪيو ويو، جڏهن ته هوءَ 2018 ۾ ننڍي چونڊ کٽي پهريون ڀيرو ايم پي اي بڻي.
You might also like