ڪراچي (ويب ڊيسڪ) ڪراچي جي علائقي ڪورنگي بلال ڪالوني ۾ مڙس ظلم جون حدون پار ڪندي زال کي تيزاب پيئاري ماري ڇڏيو.
نور عائشا نالي عورت کي خميس ڏينهن جناح اسپتال منتقل ڪيو ويو هو، ڳڻتيءَ جوڳي حالت ۾ اسپتال پهتل عورت دم ڏئي ڇڏيو هو، جنهن کانپوءِ ڪورنگي انڊسٽريل ايريا پوليس ڪيس داخل ڪري جاچ شروع ڪئي.
مقتولا جي پيءُ پنهنجي ناٺي ايوب ۽ ان جي ڀاءُ رفيق تي ڌيءُ کي تيزاب پيئاري مارڻ جو الزام هنيو آهي.
پيءُ بيان ۾ چيو ته نور عائشا جي شادي 7 سال اڳ ايوب سان ٿي هئي ۽ عائشا کي ٻه ننڍڙيون ڌيئرون به آهن، ايوب مختلف عورتن سان لاڳاپا رکندو هو، جنهن تي هن جا منهنجي ڌيءُ سان اڪثر جهيڙا ٿيندا هئا، 4 جولاءِ تي اطلاع مليو ته ايوب ۽ ان جي ڀاءُ تيزاب پيئاري مارڪٽ ڪئي آهي.
پوليس ڪيس داخل ڪري جوابدارن جي ڳولا شروع ڪري ڇڏي آهي.
You might also like