حميرا اصغر جو دل ڌوڏيندڙ موت، ذهني مسئلن جي شڪار ماڻهن جو آواز ٻڌو وڃي: فنڪار

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) اداڪارا حميرا اصغر جي اوچتي لاڏاڻي ۽ سندس گهر مان هڪ مهينو پراڻو لاش هٿ اچڻ تي شوبز انڊسٽري ۾ غم ۽ افسوس جي لهر ڇانئجي وئي آهي.
شوبز سان لاڳاپيل مختلف فنڪارن ۽ شخصيتن اداڪارا ۽ ماڊل حميرا اصغر جي دل ڌوڏيندڙ موت تي گهري صدمو ۽ ڏک ظاهر ڪيو آهي. سندس ساٿي اداڪارا امر خان سوشل ميڊيا تي هڪ جذباتي پيغام جاري ڪندي حميرا جي اوچتي لاڏاڻي تي گهري ڏک ۽ افسوس جو اظهار ڪيو.
امر خان پنهنجي پيغام ۾ لکيو ته هي واقعي شوبز انڊسٽريءَ ۾ موجود ذهني دٻاءُ ۽ نفسياتي صحت جي سنگيني مسئلن کي اجاگر ڪري ٿي.
هن ساٿي فنڪارن کي هدايت ڪندي چيو ته هو پنهنجي ذهني صحت کي پهرين ترجيح ڏين، پاڻ تي مهربان رهن ۽ ضرورت پوڻ تي مدد وٺڻ کان نه گهٻرائن.
اداڪارا ماورا حسين به سوشل ميڊيا تي حميرا جي المناڪ لاڏاڻي تي افسوس جو اظهار ڪندي چيو ته جيڪڏهن ڪو به فنڪار ذهني دٻاءُ يا مشڪلاتن جو شڪار آهي ته ان کي ضرور پنهنجا احساس ظاهر ڪرڻ گهرجن.
ماورا حسين واعدو ڪندي چيو ته هوءَ ٻڌڻ، سمجهڻ ۽ بغير ڪنهن ججمينٽ جي مدد ڪرڻ لاءِ هميشه تيار آهي.
هن وڌيڪ چيو ته هاڻي وقت اچي ويو آهي ته فنڪار هڪٻئي جا ڀجهلو بڻجن ۽ هڪ مضبوط ڪميونٽي جي صورت ۾ اڳتي اچن.
شوبز شخصيتن جي بيانن مان واضح ٿئي ٿو ته انڊسٽريءَ ۾ ذهني صحت بابت ترت ۽ سنجيده ڳالهه ٻولهه جي سخت ضرورت آهي.
ياد رهي ته ڪجهه ڏينهن اڳ سينيئر اداڪارا عائشا خان جي به سندس فليٽ مان ٻه هفتا پراڻو لاش هٿ آيو هو، جنهن پڻ شوبز انڊسٽريءَ کي ڏک ۽ حيرت ۾ مبتلا ڪري ڇڏيو هو.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.