اسلام آباد(بيورو+م ڊ)سڄي ملڪ ۾ چوماسي جو طاقتور وسڪارو جاري آهي ۽ مختلف علائقن ۾ تيزبرسات سبب هيٺيان وارا علائقا پاڻي هيٺ اچي ويا آهن، جڏهن ته روزمره جي زندگي سخت متاثر ٿي آهي، اسلام آباد ۽ راولپنڊي ۾ ٻيهر تيز برسات ٿي، جڏهن ته پنجاب، سنڌ ۽ خيبرپختونخوا جا ڪيترائي شهر وسڪاري جي لپيٽ ۾ آهن، لاهور ۾ ڇت ڪرڻ جا ٽن ڌار ڌار واقعا پيش آيا، پنجاب جي ٻين شهرن جھانيان، پتوڪي، ڦول نگر، شرقپور شريف، ننڪانه صاحب، ڪماليه، ساهيوال، پاڪپتن ۽ چيچو وطني ۾ به برسات بعد گرميءَ جو زور ٽُٽي پيو، جڏهن ته پنجاب ۾ مختلف واقعن ۽ حادثن دوران 7 ڄڻا فوت ٿي ويا ۽ 5 ڄڻا زخمي ٿي پيا، پرڪيترن ئي هنڌن تي پاڻي جمع ٿيڻ سبب شهرين کي ڏکيائين کي منهن ڏيڻو پيو،هوڏانهن سنڌ ۾ نوشهروفيروز، گمبٽ ۽ ٻين شهرن ۾ ڪٿي هلڪي ته ڪٿي تيز برسات ٿي، برسات شروع ٿيندي ئي بجلي جو نظام درهم برهم ٿي ويو، جڏهن ته فصلن کي پڻ شديد نقصان رسيو، جنهن سبب هارين ۾ سخت پريشاني ڇانئجي وئي آهي،چوماسي جو موجوده وسڪارو 10 جولاءِ تائين جاري رهندو، جنهن دوران درياهن ۽ ندي نالن ۾ ٻوڌ جو خطرو برقرار رهندو.