ڪراچي (رپورٽر) سنڌ ڪابينا ڪراچي ۾ پاڻي جي بحران کي حل ڪرڻ، زراعت جي شعبي کي مضبوط ڪرڻ، صنعتي واڌ ويجهه کي وڌائڻ ۽ علائقائي رابطن کي بهتر بڻائڻ لاءِ انقلابي ترقياتي منصوبن جي منظوري ڏئي ڇڏي، ڪالهه وڏي وزير سيد مراد علي شاهه جي صدارت هيٺ وزيراعليٰ هائوس ۾ ڪابينا جو اجلاس ٿيو، جنهن ۾ 52 نقطن واري ايجنڊا تي ويچاريو ويو، انھن مان اڪثريت جي منظوري سان گڏ فوري عملدرآمد لاءِ حڪمت عمليءَ تي ٻڌل هدايتون جاري ڪيون ويو، اجلاس دوران ڊي ايڇ اي لاءِ پاڻي جي فراهمي ۾ واڌ لاءِ 10.56 ارب رپين جو پائپ لائن منصوبو منظور ڪيو ويو، ڪابينا سنڌ ايگريڪلچرل انڪم ٽيڪس رولز 2025ع جي منظوري ڏني جن ۾ زرعي آمدني رکندڙ ماڻهن لاءِ رجسٽريشن، اليڪٽرانڪ فائلنگ ۽ رڪارڊ رکڻ بابت واضح طريقيڪار متعارف ڪرايا ويا آهن، زرعي ملڪيت جا مالڪ سنڌ ريونيو بورڊ سان فارم AIT-01 ذريعي رجسٽريشن ڪرائڻ لازمي هوندي، ٽيڪس (ريٽرن (فارم AIT-03) ادائيگيءَ جي ثابتي سان گڏ جمع ڪرائڻ ضروري هوندو. آمدني ۽ خرچن جا تفصيلي رڪارڊ اردو، سنڌي يا انگريزي ٻوليءَ ۾ رکڻا پوندا. آفتن کان متاثر علائقن ۾ ٿيندڙ نقصان کي ايندڙ سالن ۾ منتقل ڪري سگهجي ٿو، قانون تي عمل ڪرائڻ لاءِ هڪ سب ڪميٽي جوڙي وئي جيڪا زراعت، قانون، ۽ ورڪس اينڊ سروسز جي وزيرن تي ٻڌل هوندي، ڊجيٽل گورننس کي نظر ۾ رکندي ڪابينا سنڌ اي-اسٽامپ قاعدن 2020ع ۾ ترميم جي منظوري ڏني، ڪابينا ٻوڏ متاثرن لاءِ ھنگامي امداد جي رقم 21.56 ارب رپين مان وڌائي 27.67 ارب ڪئي جنهن مان 2022ع جي ٻوڏ متاثر 151,147 تصديق ٿيل آبادگارن کي فائدو پهچندو. هينئر تائين ٽن مرحلن ۾ رقم ورهائي وئي آهي جڏهن ته باقي تصديق ٿيل آبادگارن لاءِ هاڻي 6.1 ارب رپيا رکيا ويا آهن. اضافي بچت طور بچيل 2.37 ارب رپيا به بينظير هاري ڪارڊ ذريعي زرعي شعبي جي وڌيڪ مدد لاءِ استعمال ڪيا ويندا، ڪابينا زراعت کاتي کي سنڌ بئنڪ سان مفاهمت جي يادداشت تي صحيحون ڪرڻ جي اجازت ڏني، ٿر کان بندرگاھ تائين ڪوئلي جي منتقلي لاءِ ڪابينا 45.02 ارب رپين جي ريلوي منصوبي جي منظوري ڏني جنھن سان اسلام ڪوٽ (ٿر ڪول فيلڊ کي ڇوڙ سان جوڙيو ويندو) ھي منصوبو وفاقي حڪومت جي سھڪار سان مڪمل ڪيو ويندو، بن قاسم کان پورٽ قاسم تائين ٻٽي پٽڙي ۽ ڪوئلو لاھڻ لاءِ ٽرمينل به شامل آھي، حيدرآباد ۾ 951 ايڪڙن تي ٻڍل نئين صنعتي زونز جي منظوري ڏني وئي، 55 ھزار کان وڌيڪ سڌيون نوڪريون پيدا ڪرڻ لاءِ فزيبلٽي ۽ ڏي وٺ جي ڍانچي لاءِ صلاحڪار مقرر ڪيا ويا آھن، ڪابينا زمين سنڌ اڪنامڪ زون مينيجمينٽ ڪمپني ( ايس اي زي ايم ايس ) کي ڏيڻ جي ھدايت ڪندي ناڻي کاتي کي زمين جي رقم ڏيڻ لاءِ3.54 ارب رپيا منظور ڪيا، ڪابينا حيدرآباد سکر موٽروي ( ايم 6 جي منصوبي لاءِ 248 ايڪڙ زمين الاٽمينٽ جي منظوري ڏني جنھن جي قيمت 667.23 ملين رپيا آھي، ان کان سواءِ ڄامشوري ، مٽياري ، شھيد بينظير آباد ، سکر ۽ نوشھرو فيروز ضلعن لاءِ وڌيڪ زمين جي لاءِ به کاتي جي اين او سي جي لاءِ پڻ منظوري ڏني.