اسلام آباد(م ڊ) مواصلات بابت سينيٽ جي اسٽينڊنگ ڪميٽي جي اجلاس دوران انڪشاف ٿيو آهي ته موٽروي تي ٽول ٽيڪس 100 سيڪڙو کان به وڌيڪ وڌي ويو آهي، نيشنل هاءِ ويز اٿارٽي جي چيئرمين ڪميٽي کي ٻڌايو ته گذريل 6 سالن کان ٽول ٽيڪس ۾ واڌ نه ٿي هئي، تنهن ڪري هاڻ اوچتو قيمت وڌائي وئي آهي، هاڻي ريوينيو 32 ڪروڙ مان وڌي 64 ڪروڙ ڏيکاريو پيو وڃي، جيڪو ٽول وڌائڻ جو نتيجو آهي، ان تي سينيٽر پرويز رشيد سوال ڪيو ته توهان موٽروي تي عوام کي ڪهڙيون سهولتون ڏنيون آهن؟ اجلاس دوران ايم-سڪس لاءِ ٻن ضلعن ۾ ساڍا چار ارب رُپين جي ڪرپشن جو معاملو به سامهون آيو، اين ايڇ اي چيئرمين چيو ته سنڌ حڪومت ٻن ڊپٽي ڪمشنرن پاران ڪيل ڪرپشن جي رقم واپس ڏيڻ جي آڇ ڪئي آهي ۽ چاهي ٿي ته منصوبو جاري رهي سگهي، سنڌ حڪومت جي درخواست آهي ته ڊي سيز کان رقم وصول ڪري اها رقم ريڪوري طور جمع ڪرائي وڃي.