آرمي چيف صدارتي تبديلي ۽ ملڪ رياض جي واپسي وارين خبرن جو نوٽيس ورتو؟

اسلام آباد/لاهور (سيد عمران شفقت) ائين لڳي ٿو ته آرمي چيف صدر آصف علي زرداري بابت افواهن ۽ ملڪ رياض بابت گردش ڪندڙ رپورٽن جو نوٽيس ورتو آهي، جنهن کان پوءِ واضح ڪيو ويو آهي ته نه صدر زرداري کي هٽائڻ جو ڪو ارادو آهي ۽ نه ئي ملڪ رياض لاءِ ڪا خاص نرمي ڏني پئي وڃي. اهي ٻئي خبرون صحافي اعزاز سيد طرفان سامهون آيون هيون، جن کانپوءِ اعليٰ ذريعن جي ڳالهين مان به اهي ٻئي خبرون درست لڳيون. عبدالله گل به اڳ ۾ ٽويٽ ڪيو هو ته ملڪ رياض واپس اچي رهيو آهي، جڏهن ته اها به ڳالهه سامهون آئي ته ملڪ رياض 3 هزار ڪنال زمين شهيدن لاءِ ڏيڻ جي حامي ڀري آهي. ائين لڳي ٿو ته آرمي چيف ذاتي طور ٻنهي اهم معاملن جو نوٽيس ورتو ڇو ته ان کانپوءِ اعليٰ عهدن وارا ماڻهو به سرگرم ٿي ويا هئا. ان ئي پسمنظر ۾ طلعت حسين ۽ عمران رياض پڻ ساڳي لائين ورتي ۽ انهن خبرن کي فيڪ قرار ڏنو، جڏهن ته حقيقت ۾ اعزاز سيد جي خبرن جي پٺيان سچائي ظاهر ٿي وئي هئي. اعليٰ ذريعن چيو ته شهيدن جي قرباني ڪنهن بدلي يا انعام لاءِ نه هوندي آهي، اهي ملڪ ۽ قوم لاءِ پنهنجون جانيون قربان ڪندا آهن. اهڙين قربانين جو خيال قوم به رکندي آهي. ٻي پاسي ملڪ رياض جو انداز هميشه کان اهڙو رهيو آهي جو جيڪو ڪم کيس ڪرائڻو هوندو آهي، اهو هو ڪري ويندو آهي، جيڪڏهن آرمي چيف اهڙي اثر کان پاڻ کي محفوظ رکيو آهي ته اها بهتر صورتحال آهي.

نوٽ: هي تجزيو روزاني عوامي آواز، اربع 09  جولاءِ  2025ع تي شايع ٿيو

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.