پاڪستان ۾ ماحولياتي عدالتون ٺاهڻ جي ضرورت آهي:جسٽس منصور شاهه

اسلام آباد(بيورو+م ڊ)سپريم ڪورٽ جي سينئر جج جسٽس منصور علي شاهه چيو آهي ته پاڪستان ۾ ماحولياتي انصاف لاءِ ڪلائميٽ ڪورٽس قائم ڪرڻ وقت جي اهم ضرورت بڻجي چڪي آهي، اسلام آباد ۾ ٿيندڙ ”پاڪستان جي آخري وارننگ“ نالي ماحولياتي ڪانفرنس دوران خطاب ڪندي جسٽس منصور علي شاهه چيو ته پاڪستان جو ماحولياتي آلودگيءَ ۾ عالمي حصو هڪ سيڪڙو کان به گهٽ آهي، پر اثر سڀ کان وڌيڪ هتي پيو ٿو، ان ڪري ملڪ کي نه رڳو ماحولياتي پاليسي، پر ماحولياتي مالي مدد جي به سخت ضرورت آهي، سينيٽر شيري رحمان خبردار ڪيو ته جرمن واچ جي ڪلائميٽ رسڪ انڊيڪس 2025 موجب، پاڪستان دنيا جو سڀ کان وڌيڪ متاثر ٿيندڙ ملڪ قرار ڏنو ويو آهي، هن چيو ته هاڻي پاڪستان ۾ 50 ڊگري سينٽي گريڊ تائين گرمي، اوچتو ٻوڏ معمول بڻجي ويا آهن، ڪانفرنس ۾ سابق سينيٽر مشاهد حسين سيد، موسميات جي ماهر ڊاڪٽر محمد حنيف، مختلف موبائيل ۽ آءِ ٽي ڪمپنين جي نمائندن به شرڪت ڪئي. سڀني جو زور هيو ته موسمي تبديليءَ کي منهن ڏيڻ لاءِ فوري ۽ مربوط قومي قدم کنيا وڃن.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.