سکر (رپورٽ: اظھر علي دايو) سکر بئراج جو گيٽ نمبر 43 پاڻي وھڪرن جو دٻاءُ نه سھندي هڪ لک 26 ھزار 140 ڪيوسڪ پاڻي تي پاسيرو ٿي ويو، جنهن بعد بئراج جي گيٽن جي تبديلي وارو ڪم ڪندڙڪمپني ھنگامي بنيادن تي گيٽ نمبر 43 آڏو اپ اسٽريم ۾ ڪافر ڊيم جوڙڻ لاءِ ڏينهن رات ڪم شروع ڪري ڇڏيو آهي، امڪاني ٻوڏ جي وھڪرن جي ڪري 43 نمبر گيٽ کي اپ اسٽريم واري پاسي کان ٻنڊو ڏيڻ جو فيصلو ڪيو ويو آهي، جڏهن ته شيڊيول موجب آڪٽوبر جي مهيني کان گيٽن جي تبديلي واري فيز 2 ۾ متاثر ٿيل گيٽ پڻ تبديل ڪيو ويندو، ٻئي طرف موسميات کاتي الرٽ جاري ڪندي امڪان ڏيکاريو آهي ته بلوچستان جي اوڀر واري جابلو سلسلي ۾ برسات پوڻ کان پوءِ برساتي نالن ۾ پاڻي اچڻ کان پوءِ وچولي کان مٿاهين درجي واري ٻوڏ جو خطرو وڌي ويو آهي، ھن وقت گڊو بئراج وٽ پاڻي جو مٿانهون وهڪرو هڪ لک 70ھزار ڪيوسڪ ھيٺيون وھڪرو 1 لک 33 ھزار 273 ڪيوسڪ، پنجند وٽ مٿانهون وهڪرو 14 ھزار 330 ڪيوسڪ ھيٺاھين وھڪري ۾ فقط ٻه ھزار ڪيوسڪ پاڻي ڇوڙ ڪيو ويو آهي، ٽمونھن جي مٿاھين وھڪري ۾ 26 ھزار 376 ڪيوسڪ ھيٺاھين وھڪري ۾ 13 ھزار 576 ڪيوسڪ پاڻي آھي، تونسا بئراج وٽ مٿانهون وهڪرو 2 لک 47 ھزار 736 ڪيوسڪ ھيٺاھين وھڪري ۾ 2 لک 31 ھزار 236 ڪيوسڪ پاڻي ڇڏيو ويو آهي، چشما بئراج وٽ پاڻي جو مٿانهون وهڪرو 3 لک 64 ھزار 17 ڪيوسڪ ھيٺيون وھڪرو 3 لک 45 ھزار 842 ڪيوسڪ آهي، جڏهن ته ڪالاباغ بئراج وٽ پاڻي جو مٿانهون 3 لک 39 ھزار 671 ڪيوسڪ ھيٺيون وھڪرو 3 لک 31 ھزار 687 ڪيوسڪ آهي، ڪابل نديءَ ۾ نوشهرھ جي مقام وٽ پاڻي جي سطح 50 ھزار 400 ڪيوسڪ تي پھتل آھي، تربيلا ڊيم ۾پاڻي جي آمد 2 لک 87 ھزار 700 ڪيوسڪ اتان ڪڍيو، پاڻي 2 لک 82 ھزار 100 ڪيوسڪ ڇڏيو پيو وڃي، تربيلا ڊيم ۾ پاڻي جي ليول 1521.06 فوٽن تي پھتل آھي.