حافظ سعيد ۽ مسعود اظهر بابت بيان تي بلاول وضاحت ڏئي: خرم دستگير

اسلام آباد (م ڊ) ن ليگ اڳواڻ ۽ اڳوڻي پرڏيهي وزير خرم دستگير چيو آهي ته حافظ سعيد ۽ مسعود اظهر کي ڀارت حواليڪرڻ بابت بلاول ڀٽو جو بيان سندس ذاتي راءِ آهي، ان جو حڪومت جي پاليسي سان ڪو واسطو ناهي. خانگي ٽي وي سان ڳالهائيندي خرم دستگير چيو ته اهڙي حساس معاملي تي بيان ڏيڻ کان اڳ رياست سان مشاورت ضروري آهي، بلاول کي وضاحت ڏيڻ گهرجي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.