وفاقي حڪومت جو پکن بابت وڏو فيصلو

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) حڪومت طرفان ملڪ ۾ بجلي جي بچت ۽ واهپيدارن جو خرچ گهٽائڻ لاءِ پکھن بابت اهم فيصلو ڪيو ويو آهي.
وفاقي حڪومت ملڪ ۾ بجلي جي استعمال ۾ گهٽتائي آڻڻ لاءِ عام بجلي سان هلندڙ پکن کي تبديل ڪرڻ جو پروگرام شروع ڪرڻ جو فيصلو ڪيو آهي، ان پروگرام تحت سڄي ملڪ ۾ مرحلي وار عام پکن کي اهڙن پکن سان تبديل ڪيو ويندو، جيڪي گهٽ بجلي استعمال ڪندا آهن.
ناڻي واري وزير محمد اورنگزيب جي صدارت هيٺ وزيراعظم جي پکن جي تبديلي واري پروگرام تي اجلاس ٿيو، جنهن ۾ توانائي واري وفاقي وزير اويس لغاري، اسٽيٽ بينڪ گورنر سميت اسٽيڪ هولڊرن به شرڪت ڪئي.
اجلاس ۾ اسٽيڪ هولڊرن پکن جي تبديلي واري پروگرام جي عملي تياري، امڪاني شيڊيول، اڳواٽ شرطن پورا ڪرڻ ۽ بينڪنگ نظام سان لاڳاپيل معاملن تي بريفنگ ڏني.
ناڻي واري وزير اجلاس کي خطاب ڪندي چيو ته پکن جي تبديلي جو هي پروگرام توانائي جي بچت ۽ معاشي استحڪام ۾ اهم ڪردار ادا ڪندو، جڏهن ته بجلي جي استعمال ۾ گهٽتائي سان واهپيدارن کي به فائدو ٿيندو.
هن چيو ته پکن جي تبديلي واري پروگرام جو پهريون مرحلو هن ئي مهيني کان شروع ڪيو ويندو، تنهن ڪري ايندڙ ٻن کان ٽن هفتن ۾ سمورا ضروري قدم مڪمل ڪيا وڃن ته جيئن ان منصوبي تي عملدرآمد شروع ڪري سگهجي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.