نياڻين کي ايترو مضبوط بڻايو جو انهن کي ڪنهن جي سهاري جي ضرورت ئي نه پوي: احسن خان

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) اداڪار احسن خان چيو آهي ته سندس خيال ۾ مردن ۽ عورتن جي وچ ۾ محبت دوران هڪٻئي مان حد کان وڌيڪ اميدون رکڻ سبب رشتن ۾ خرابيون پيدا ٿين ٿيون، خاص طور تي ڇوڪرن طرفان بنا سبب ڇوڪرين مان اميدون رکڻ به رشتن ٽٽڻ جو وڏو ڪارڻ آهي.
ويجهڙ ۾ احسن خان ”فوچيا ميگزين“ کي ڏنل انٽرويوءَ ۾ پنهنجي شوبز ڪيريئر سميت سماجي مسئلن تي کليل ڳالهه ٻولهه ڪئي.
هن چيو ته اڄڪلهه والدين پنهنجن پٽن جي سٺي تربيت نٿا ڪن يا وري انهن جي تربيت تي ڌيان نه ٿا ڏين، هن پنهنجي مثال ڏيندي چيو ته سندس والدين به کيس سڀ ڪجهه نه سيکاريو، پر هن وقت سان گڏ زندگي مان گهڻو ڪجهه سکيو.
احسن خان چيو ته اسان جي سماج ۾ ڇوڪرين لاءِ وڌيڪ مسئلا ٿين ٿا، ڇو ته شادي کانپوءِ ڇوڪري کي نئين گهر وڃڻو پوي ٿو، جتي جو ماحول مڪمل طور تي مختلف هوندو آهي.
هن چيو ته ڇوڪرو رڳو شادي ڪري ڇوڪري کي پنهنجي گهر وٺي اچي ٿو، پر ڇوڪري کي نون ماڻهن سان ميل جول رکڻو پوي ٿو، ان لاءِ ڇوڪرين جا مسئلا وڌيڪ هوندا آهن.
اداڪار چيو ته افسوس سان چوڻو ٿو پوي ته پاڪستاني سماج ۾ ماڻهو پنهنجي ڌيئرن تي سيڙپڪاري نٿا ڪن، انهن کي مضبوط نٿا ڪن.
هن چيو ته اسان کي گهرجي ته ڇوڪرين کي ايترو مضبوط بڻايون جو انهن کي ڪنهن سهاري جي ضرورت نه پوي، اهي پنهنجا سڀ ڪم پاڻ ڪري سگهن.
احسن خان مثال ڏيندي چيو ته جيڪڏهن ڪنهن عورت جي شادي ختم ٿي وڃي يا سندس مڙس جو لاڏاڻو ٿي وڃي ته اهڙي حالت ۾ عورت ڪجهه به نٿي ڪري سگهي، ڇو ته کيس زندگي جي عملي معاملن جو تجربو ئي ناهي هوندو.
هن چيو ته ڇوڪرين کي شعور، تعليم ۽ خودمختياري ڏيڻ جي ضرورت آهي، آزادي جو مطلب اهو ناهي ته ڇوڪريون پنهنجي سماجي قدرن، مذهب ۽ روايتن کان آزاد ٿي وڃن.
هڪ سوال جي جواب ۾ هن لاڳاپن بابت ڳالهائيندي چيو ته محبت وقت گهرندي آهي، هڪ نظر ۾ ٿيڻ واري محبت محبت ناهي هوندي، اِهو رڳو هڪ عارضي جذبو هوندو آهي.
هن چيو ته هڪ ٻئي کي ڄاڻي، سمجهي، قبول ڪرڻ ئي اصل محبت آهي ۽ گڏجي هر شعبي ۾ بهتر ٿيڻ ئي اصل محبت آهي.
احسن خان چيو ته هن ڪيترائي رشتا تمام ننڍڙين ڳالهين تي ٽٽندي ڏٺا، اڪثر رشتا هڪٻئي مان حد کان وڌيڪ اميدون رکڻ سبب ٽٽندا آهن.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.