پيپلزپارٽي جي غلط پاليسين جي ڪري سنڌ عذاب مان گذري رهي آهي:اياز پليجو

حيدرآباد (پ ر)قومي عوامي تحريڪ جي سربراھ اياز لطيف پليجو سان  سندس رهائشگاھ پرنس ٽائون قاسم آباد حيدرآباد تي سنڌي ايسوسيئيشن آف نارٿ آمريڪا جي سيڪريٽري جنرل اسد شيخ، ڪئناڊا سانا جي اڳواڻ زاھد ملڪ ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ آيل وفد ملاقات ڪئي ۽ اياز لطيف پليجو کي آمريڪا جي شھر ھوسٽن ۾ ٿيندڙ سانا ڪنوينش ۾ شرڪت جي دعوت ڏني.ملاقات دوران عالمي، ملڪي ۽ سنڌ جي موجوده صورتحال تي تفصيلي ڳالھ ٻولھ ڪئي آهي.ان موقعي تي اياز لطيف پليجي ڳالھائيندي چيو ته سنڌ سميت سڄي دنيا ۾  رھندڙ سنڌي ماڻهو  ڪئنالن ۽ ڪارپوريٽ فارمنگ خلاف رت جي آخري ڦڙي تائين وڙھندا سڄي دنيا ۾ رهندڙ سنڌي ماڻهو پنهنجي درياھ ۽ زمينن کي بچائڻ لاءِ ڀرپور احتجاج ڪن. پيپلزپارٽي سنڌ کي سئو سال پوئتي ڌڪي ڇڏيو آھي پ پ پ جي سنڌ دشمن فيصلن جي ڪري سنڌ گھڻ رخي مسئلن ۾ جڪڙيل آھي. ايندڙ وقت سنڌ لاءِ وڌيڪ ڏکيو آهي.هن چيو ته  ڪارپوريٽ فارمنگ جي نالي ۾ سنڌ جي ھزارين ايڪڙ زمينن تي قبضا ڪري سنڌي ماڻهن کي پنهنجي ڌرتي تان بي دخل ڪرڻ جي سازش آهي، چولستان کي آباد ڪرڻ لاءِ سنڌو درياءَ مان 176 ڪلوميٽر ڊگهو ڪئنال ٺاھڻ جي سنڌ دشمن سازش ڪئي پئي وڃي، پيپلزپارٽي جي غلط پاليسين جي ڪري سنڌ عذاب مان گذري رهي آهي ،سانا جي  سيڪريٽري جنرل اسد شيخ چيو ته سنڌ صدين کان رواداري، سھپ، امن واري ڌرتي آھي سنڌو درياھ سنڌ جو ساھ آھي، اسان کي اھڙي ترقي نٿي گھرجي جنهن سان سنڌي ماڻهن جي حق حاڪميت ختم ٿي وڃي ،ان موقعي تي قومي عوامي تحريڪ جا اڳواڻ نواز عباسي، ايڊووڪيٽ زاھد ڀنڀرو، شوڪت سريوال، ايڊووڪيٽ ساحر اياز، ايڊووڪيٽ سرباز اياز، جوش اياز ۽ ٻيا پڻ موجود ھئا.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.