چوماسي برساتون، ملڪ ۾ ٻن هفتن کان به گهٽ وقت ۾ 72 ڄڻا فوت

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) نيشنل ڊزاسٽر مينيجمينٽ اٿارٽي چيو آهي ته پاڪستان ۾ چوماسي جي برساتن دوران گهٽ ۾ گهٽ 72 ڄڻا فوت ٿي ويا آهن.
اين ڊي ايم اي جي تازي رپورٽ موجب 26 جون کان هيل تائين سڄي ملڪ ۾ برساتن سان لاڳاپيل واقعن ۾ گهٽ ۾ گهٽ 72 ماڻهو حياتيون وڃائي ويٺا ۽ 130 ڄڻا زخمي ٿيا آهن.
خيبر پختونخواهه ۾ سڀ کان وڌيڪ 28 ماڻهو فوت ٿيا، جڏهن ته پنجاب ۾ 22، سنڌ ۾ 15 ۽ بلوچستان ۾ 7 ماڻهو حياتيون وڃائي ويٺا.
پنجاب ۾ برساتن سان لاڳاپيل واقعن ۾ 66، سنڌ ۾ 34، خيبرپختونخواه ۾ 23، آزاد ڪشمير ۾ چار ۽ بلوچستان ۾ ٽي ماڻهو زخمي ٿيا.
رپورٽ ۾ چيو ويو آهي ته 26 جون کان هيل تائين گهٽ ۾ گهٽ 161 گهرن کي نقصان پهتو آهي، جڏهن ته 91 ڍور به مري ويا آهن.
اين ڊي ايم اي ٻڌايو آهي ته مجموعي طور 233 ماڻهن کي بچايو ويو، جن مان سڀ کان وڌيڪ خيبرپختونخواه مان 115، سنڌ مان 42، پنجاب مان 31، گلگت بلتستان مان 25، اسلام آباد مان 15 ۽ بلوچستان مان پنج ماڻهن کي بچايو ويو.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.