ڪراچي (ويب ڊيسڪ) پاڪستان سميت سڄي دنيا ۾ ايڪس جو فيچر ”گروڪ“ سٺي موٽ حاصل ڪري رهيو آهي ۽ پاڪستان ۾ هن وقت ٽاپ ٽرينڊ ڪري رهيو آهي.
ڪيترائي واهپيدار گروڪ کان اهڙا سوال پڇي رهيا آهن، جن مان اڪثر سياسي نوعيت جا آهن، روز جي بنياد تي ڪيترائي واهپيدار خبرن جي تصديق يا ترديد لاءِ گروڪ کان سوال ڪندي نظر اچي رهيا آهن ۽ جوابن تي کِل ڀوڳ به ڪري رهيا آهن.
پاڪستاني واهپيدارن گروڪ کان ڄاڻ حاصل ڪرڻ ۾ ڪا ڪسر نه ڇڏي، هڪ واهپيدار سوال ڪيو ته پاڪستان جو سڀ کان ڪامياب وزيراعظم ڪير هو، جنهن جي جواب ۾ گروڪ نواز شريف کي بهترين وزيراعظم قرار ڏنو ته ن ليگ جي حامي واهپيدارن ان تي طنز ڪندي چيو پي ٽي آءِ کي ته گروڪ به سٺو نه مليو.
هڪ ايڪس واهپيدار لکيو ته گروڪ به سوچيندو هو ته ڪهڙي قوم سان واسطو پئجي ويو آهي، ٻئي لکيو ته بي وسي جو اهو عالم آهي جو گروڪ خلاف پيڪا ايڪٽ به نه لڳندو.
صنم جاويد لکيو ته گروڪ منهنجي ٽوئيٽس جي اهڙي تشريح ڪري رهيو آهي لڳي ٿو هن ڀيري مان گروڪ جي ڪري جيل وينديس، احتشام الحق لکيو ته گروڪ پاڪستانين جي هٿ لڳي ويو آهي، هاڻ الله ئي بچائي.
هڪ ايڪس واهپيدار لکيو گروڪ ته ن ليگ ۽ پي ٽي آءِ جي ويڙهه ۾ ڦاسي پيو آهي.
You might also like