ٽنڊي غلام علي ۾ ايشيا جي سڀ کان وڏي گڏهه پڙي، ماڌوري، ريشما، شرميلا، شيري، روبي به موجود

ٽنڊو غلام علي (ويب ڊيسڪ) سڄي ملڪ مان قيمتي ۽ ناياب گڏهه بدين جي علائقي ٽنڊي غلام علي ۾ گڏ ٿي ويا.
ٽنڊي غلام علي ۾ گڏهن جي سالياني قديمي پڙي لڳي وئي، جنهن ۾ سڄي پاڪستان مان ناياب ۽ قيمتي گڏهه آندا ويا آهن.
پڙيءَ ۾ سنڌ کانسواءِ خيبر پختونخواهه، بلوچستان، پنجاب، ڪشمير ۽ گلگت مان قيمتي گڏهه ۽ خچر خريد ۽ وڪري لاءِ آندا ويا آهن
پاڪستان جي قيام کان اڳ کان لڳندڙ ان گڏهه پڙي جو شمار ايشيا جي سڀ کان وڏي گڏهه پڙي ۾ ٿئي ٿو.
پڙي ۾ 20 هزار رپين کان 5 لک رپين تائين جا گڏهه ۽ خچر وڪري لاءِ موجود آهن، جن ۾ ايٽم بم، راڪيٽ لانچر، ڪلاشنڪوف، ايف 16، جي ٿري نالي قيمتي گڏهه ۽ خچر به شامل آهن.
ان کانسواءِ خوبصورت ۽ پرڪشش ماڌوري، ريشما، ڪشمالا، شرميلا، شيري، نازو، روبي نالي گڏهه به وڪري لاءِ آندا ويا آهن، انهن گڏهن کي گهوٽن ۽ ڪنوارن جيان سينگاريو ويو آهي.
واضح رهي ته ٽنڊي غلام علي ۾ اها سالياني گڏهن جي پڙي پاڪستان جي قيام کان به اڳ کان لڳائي ويندي آهي، جڏهن گڏهن جي خريد ۽ وڪرو ڪيو ويندو آهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.