سائبر سيڪيورٽي ماهر ڪيٽلن سارين فيس بڪ واهپيدارن جي تصويرن جي استعمال بابت هڪ اهم خدشي جو اظهار ڪيو آهي.
ڪيٽلن پنهنجي تازي انسٽاگرام پوسٽ ۾ ٻڌايو ته فيس بڪ هاڻ واهپيدارن جي انهن تصويرن تائين به پهچ حاصل ڪري رهيو آهي، جيڪي اڃا اپ لوڊ نه ڪيون ويون آهن، ان جو مقصد تصويرن جي بنياد تي پاڻمرادي طور تي اسٽوريز (ڪهاڻين) جا خيال ٺاهڻ آهي.
هن چيو ته فيس بڪ هاڻ اوهان جي فون جي ڪئميرا رول (گيلري) تائين پهچ حاصل ڪري رهيو آهي ۽ اهڙيون تصويرون به حاصل ڪري رهيو آهي، جيڪي اوهان اڃا اپ لوڊ نه ڪيون آهن.
ان جو مطلب آهي ته هي اسان جي تصويرن، چهرن، جڳهن، ٽائم اسٽيمپ ۽ ٻي ڄاڻ جو تجزيو ڪري ٿو ۽ توهان کي ان جي اجازت ڏيڻ جو علم به ناهي هوندو.
فيس بڪ هڪ نئون فيچر متعارف ڪرائيو آهي، جنهن تحت واهپيدار کان سندس فون جي تصويرن تائين پهچ جي اجازت گهري ويندي آهي ته جيئن پوسٽ ٺاهڻ دوران مصنوعي ذهانت (AI) جي مدد سان تخليقي تجويزون حاصل ڪري سگهجن.
ان لاءِ هڪ پاپ اپ پيغام اچي ٿو، جنهن ۾ پڇيو وڃي ٿو ته ڇا توهان ”ڪلاوڊ پروسيسنگ“ کي فعال ڪرڻ چاهيو ٿا؟ جيڪڏهن توهان ها ڪريو ٿا ته فيس بڪ توهان جي گيلري جي تصويرن جو تجزيو ڪرڻ شروع ڪري ٿو.
فيس بڪ جو چوڻ آهي ته ان جو مقصد واهپيدارن کي پاڻمرادو تخليقي تجويزون ڏيڻ ۽ تصويرن جي ايڊيٽنگ ۾ مدد ڪرڻ آهي پر ان جو مطلب هي به آهي ته جيڪڏهن واهپيدار اجازت ڏين ٿا ته فيس بڪ انهن جي ذاتي مواد تائين پهچ حاصل ڪري سگهي ٿو.
فيس بڪ جي ٽرمز اينڊ سروس ۾ چيو ويو آهي ته هڪ ڀيرو جڏهن تصويرون شيئر ڪيون وڃن ته توهان ان ڳالهه تي رضامند آهيو ته ميٽا انهن تصويرن جو تجزيو ڪندو، جنهن ۾ فيشل فيچر به شامل آهن.
ان ۾ وڌيڪ چيو ويو آهي ته هي تجزيو نوان فيچرز پيش ڪرڻ ۾ مدد ڏيندو، جيئن تصويرن جي سمري تيار ڪرڻ، تصويرن ۾ تبديلي آڻڻ ۽ انهن جي بنياد تي نئون مواد تيار ڪرڻ.
جيڪڏهن توهان پنهنجي تصويرن کي محفوظ رکڻ چاهيو ٿا ته ڪجهه طريقا آهن، جيڪي توهان اختيار ڪري سگهو ٿا
هي فيچر في الحال اختياري آهي ۽ رڳو ان صورت ۾ ڪم ڪندو جڏهن توهان ان جي اجازت ڏني آهي.
جيڪڏهن توهان پاپ اپ قبول نه ڪيو آهي ته ميٽا کي توهان جي تصويرن تائين پهچ حاصل نه ٿيندي.
اوهان ان فيچر کي ايپ جي سيٽنگز مان به بند ڪري سگهو ٿا.
سيٽنگز لاءِ مينو ۾ وڃو، پوءِ ”سيٽنگز اينڊ پرائيويسي“ کوليو، ان کانپوءِ ”سيٽنگز“ ۾ وڃو ۽ ”ڪيمرا رول شيئرنگ“ ڳوليو، اتي توهان کي ٻه سيٽنگز ملنديون، هڪ فوٽو سجيشن ڏيکارڻ لاءِ ۽ ٻي ڪلائوڊ پروسيسنگ استعمال ڪرڻ لاءِ، پنهنجي تصويرن کي پرائيويٽ رکڻ لاءِ توهان ٻنهي سيٽنگز کي بند ڪري سگهو ٿا.
هوشيار! فيس بُڪ توهان جي ذاتي تصويرن تائين پهچي ويو آهي، بچاءٌ ڪيئن ڪجي؟
You might also like