اسلام آباد(بيورو+م ڊ)سينيٽ چيئرمين سيد يوسف رضا گيلاني عالمي برادري تي زور ڏنو آهي ته امن لاءِ انصاف، مڪالمو ۽ انساني وقار کي ترجيح ڏني وڃي، هن چيو ته وينس ۾ منعقد ٿيندڙ عالمي امن ڪانفرنس، بين المذاهب هم آهنگي ۽ عالمي امن لاءِ پاڪستان جي مستقل عزم جي علامت آهي،سينيٽ سيڪريٽريٽ پاران جاري ڪيل پڌرائي مطابق، چيئرمين سينيٽ سيد يوسف رضا گيلاني، وينس ۾ ٿيندڙ بين الاقوامي ڪانفرنس ”اڄ جي عالمي امن کي درپيش چئلينجن“ بابت انتهائي اهم خطاب ڪيو، هن عالمي ڪانفرنس ۾ يورپ ۽ پاڪستان سان واسطو رکندڙ نمايان مذهبي، سياسي ۽ علمي شخصيتن شرڪت ڪئي، خطاب دوران چيئرمين سينيٽ يوسف رضا گيلاني، پاڪستان جي اڳوڻي وفاقي وزير شهيد شهباز ڀٽي کي ڀيٽا پيش ڪندي چيو ته هو عالمي برادري لاءِ بهادري ۽ قرباني جي علامت هو، هن پاڪستان پيپلز پارٽي جي تاريخي ڪردار تي روشني وجهندي چيو ته پيپلز پارٽي هميشه انصاف، برابري ۽ بين المذاهب رواداري جي علمبردار رهي آهي، هن چيو ته پائيدار امن لاءِ عالمي برادري کي انصاف، مڪالمو ۽ انساني وقار کي بنياد بڻائڻو پوندو.هن چيو ته امن جو مطلب رڳو جنگ جي غير موجودگي نه، پر اهو انصاف جي موجودگي جي احترام جو نالو آهي.