اسلام آباد(م ڊ) موسميات کاتي اڄ آچر ڏهين محرم الحرام تي ملڪ جي اترين علائقن سميت ڪشمير، اسلام آباد ۽ راولپنڊي ۾ گجگوڙ سان گڏ تيز مينهن وسڻ جو امڪان ظاهر ڪيو آهي، موسميات کاتي خبردار ڪيو آهي ته هي تيز برساتون ٻوڏ جي ريلن جو سبب بڻجي سگهن ٿيون، مينهن جو سلسلو اٺ جولاءِ تائين جاري رهي سگهي ٿو، ميٽ آفيس موجب، طوفان، تيز هوا ۽ گجگوڙ سبب روزاني جو معمول متاثر ٿي سگهي ٿو ۽ ڪمزور ڍانچن (جهڙوڪ بجلي جا کُمبا، گاڏيون، سولر پينل وغيره) کي نقصان پهچڻ جو انديشو آهي، کاتي موجب انتهائي تيز برسات سبب مري، گليات، مانسهره، کوهستان، ايبٽ آباد، بونير، چترال، دير، سوات، شانگله، نوشهره، صوابي، مردان، اسلام آباد، راولپنڊي، ڊي جي خان، اتر اوڀر پنجاب، ڪشمير ۽ بلوچستان جي ڪجهه علائقن ۾ مقامي برساتي نالن ۾ چاڙهه جو خدشو آھي، سياحن کي احتياط ڪرڻ جي هدايت ڪئي وئي آهي، اڄ، ملڪ جي گهڻن علائقن ۾ موسم گرم ۽ شديد حبس واري رهڻ جو امڪان آهي.