اسلام آباد(م ڊ) پاڪستان پيپلزپارٽي جي چيئرمين بلاول چيو آهي ته جيڪڏهن ڀارت چاهي ٿو ته دهشتگردن خلاف وڌيڪ مؤثر ڪارروائي ٿئي، ته پوءِ ان کي پاڪستان سان ڳالهيون ڪرڻيون پونديون، جيئن مسئلن جو حل نڪري سگهي. عرب ميڊيا کي ڏنل انٽرويو ۾ بلاول چيو ته ڀارت ڏکڻ ايشيا ۾ هڪ "نئون نارمل” قائم ڪرڻ چاهي ٿو، جيڪو نه صرف پاڪستان لاءِ، پر خود ڀارت جي مفاد ۾ به ناهي. بلاول چيو ته اسان غير رياستي عنصرن جي هٿن ۾ هڪ ارب 70 ڪروڙ ماڻهن جو مستقبل نٿا ڏئي سگهون. ڀارت ڪنهن به دهشتگرد حملي کان پوءِ نه ته پنهنجي عوام سان ثبوت شيئر ڪيا، نه پاڪستان يا عالمي برادري سان، جڏهن ته ڀارت جي ڀيٽ ۾ دهشتگردي جا وڌيڪ واقعا پاڪستان ۾ ٿيا آهن. هن وڌيڪ چيو ته قائداعظم محمد علي جناح کان وٺي اڄ تائين پاڪستان جو موقف آهي ته ڪشمير پاڪستان جو اڻ ٽٽ حصو آهي. بلاول جو چوڻ هو ته ڀارت ۾ مسلمانن سان امتيازي سلوڪ ڪيو وڃي ٿو۔ جيڪڏهن ڪو مسلمان پنهنجي حق لاءِ آواز اٿاري ٿو ته کيس دهشتگرد قرار ڏنو وڃي ٿو. والاريل ڪشمير ۾ به جيڪڏهن ڪو ڪشميري پنهنجي حق لاءِ ڳالهائيندو آهي، ته کيس به دهشتگرد قرار ڏنو وڃي ٿو. پي پي چيئرمين چيو ته پاڪستان اڳ به دهشتگردن جو مقابلو ڪيو آهي، ۽ ڀارت کي جيڪڏهن وڌيڪ ڪارروائي چاهي ٿي، ته ڳالهين ذريعي اڳتي وڌڻ ضروري آهي۔ بلاول وڌيڪ چيو ته اسان کي ڀارت بابت ڪيترين ئي شڪايتن جو سامهو آهي، جن ۾ ڀارت جو پاڪستان ۾ دهشتگردي ۾ ملوث هجڻ به شامل آهي. هن تاريخي حوالي سان واضح ڪيو ته پاڪستان 1980ع واري ڏهاڪي ۾ افغانستان بابت ڪجهه گروپن جي مدد ڪئي هئي.
، پر انهن گروپن کي ڪشمير جي حوالي سان ڪڏهن به حمايت نه ڪئي وئي۔ پاڪستان ڪشميرين جي اقوام متحده جي قراردادن مطابق حقِ خود اراديت جي حمايت ڪري ٿو، ۽ اهو دهشتگردي ناهي.