ڪراچي (رپورٽر) انسان دوستي جو مثال قائم ڪندي ايڌي فاؤنڊيشن ميرپورماٿيلي جي شهيد رپورٽر نصر الله گڏاڻي جي وارثن کي ايڌي ايئر ايمبولينس لاءِ ورتل رقم 9 لک رپيا واپس ڪرڻ تي کيس عوامي آواز هيڊ آفيس ۾ آجياڻو ڏنو ويو . شهيد نصر الله گڏاڻي کي سال اڳ حملو ٿيڻ سبب زخمي حالت ۾ ايڌي ايئر ايمبولينس ذريعي ڪراچي منتقل ڪيو ويو هو، جنهن جو ڪرايو سندس وارثن ۽ دوستن گڏجي ڀريو هو. عوامي آواز ميڊيا گروپ ايڌي انتظاميا کي درخواست ڪئي ته شهيد نصر الله گڏاڻي جي بيواهه کان ورتل 9 لک روپيا واپس ڪيا وڃن. جنهن بعد فيصل ايڌي وڏي دل ۽ انسان دوستي جو مظاهرو ڪندي اُها رقم وارثن کي واپس ڪري هڪ نئين تاريخ رقم ڪئي . فيصل ايڌي جي فرزند سعد ايڌي شهيد جي ڳوٺ قبول خان گڏاڻي پهچي شهيد نصرالله جي بيواهه کي ا 9 لک رپيا روڪ واپس ڪيا. جنهن بعد عوامي آواز ميڊيا گروپ پاران فيصل ايڌي جي مان ۾ هيڊ آفيس ڪراچي ۾ آجياڻو ڏنو ويو. پاڪستان جي قديمي ۽ نمائنده صحافتي اداري عوامي آواز ميڊيا گروپ جي سرواڻ ۽ چيف ايڊيٽر ڊاڪٽر جبار خٽڪ فيصل ايڌي کي ڀليڪار ڪندي سندس بي لوث خدمتن کي ڀيٽا پيش ڪئي. ان موقعي تي زرار پيرزادو، ناصر خٽڪ ، مدثر نظر سنگراسي، سارنگ زين چانڊيو، شيوڪ سانگي، علي وقاص سنديلو، عباس سوڍڙو، طارق سنديلو، راجا مبشر سنديلو ، موسيٰ ڪاظم جعفري، آصف علي، قاضي عابد، شهزاد پيرزادو، حزب الله شاهاڻي سميت ٻيا قومي رضاڪار پڻ موجود هئا.آخر ۾ عوامي آواز جي نمائندن فيصل ايڌي سان گڏ گروپ فوٽو به ڪڍرايا ۽ ايڌي هائوس جي خدمت جي روايت کي سلام پيش ڪيو. عوامي آواز ميڊيا گروپ پاران فيصل ايڌي جو ٿورو مڃيو ويو، نصر الله گڏاڻي جي وارثن کي پئسا واپس ڏيڻ تي ٿورا مڃيا ويا.