اسلام آباد (اعزاز سيد) موجوده نظام هائبرڊ نظام آهي، جنهن کي ٺاهيو ويو ۽ ضرورت موجب مختلف ماڻهو ان ۾ شامل ڪيا ويا. جڏهن آصف علي زرداري صدر بڻيو هو تڏهن اڳوڻي صدر عارف علوي سان اسٽيبلشمينٽ جو مسئلو هلندڙ هو، آصف علي زرداري جي صدر بڻجڻ کانپوءِ اليڪشن ٿي ۽ 26هين ترميم به ٿي ان جي باوجود ظاهري طور تي وزيراعظم بهتر نظر اچي ٿو، سڀ وزير ڪم ڪندي ٿا، تنهن هوندي آرڪيٽيڪٽس کي ڪجهه شيون ٺيڪ نٿيون لڳن. انهن ۾ هڪ شئي آصف علي زرداري آهي، اهو ڪنڊي جيان چڀي رهيو آهي. اطلاعن موجب، کوڙ ماڻهو چاهين ٿا ته آصف علي زرداري عهدي تان هٽي وڃي ۽ ان لاءِ شروعاتي ڪم شروع ڪيو ويو آهي. آصف علي زرداري کي هٽائڻ لاءِ منصوبو ٺهي چڪو آهي. ڪوشش ڪئي ويندي ته هو پاڻ ئي استعيفيٰ ڏئي ڇڏي، هو بيمار به آهي، پر نٿو لڳي ته هو ائين استعيفيٰ ڏيندو. آئيني طور تي صدر جي هٽجڻ کانپوءِ سينيٽ چيئرمين، جيڪڏهن نه ته قومي اسيمبلي اسپيڪر هوندو آهي پر اهي ٻئي صدر کي ريپليس نه ڪندا. ائين ٿي سگهي ٿو ته سڀ کان طاقتور ماڻهن مان ڪو هڪ بڻجي وڃي. گهڻن ئي انهن طاقتور ماڻهن بابت صلاح به ڏني آهي جڏهن ته ڪنهن مخالفت ناهي ڪئي. ان حوالي سان قانونسازي لاءِ تياري به ڪئي پئي وڃي. آصف علي زرداري جيل کي منهن ڏنو ۽ پنهنجي ڪاوڙ کي ڇڏي پاڪستان سان بيٺو، آصف علي زرداري کي صدر جي عهدي تان هٽائڻ ٺيڪ نٿو لڳي. جيڪڏهن ڪير صدر زرداري خلاف سازش ڪري رهيو آهي ته، ائين نه ڪرڻ گهرجي. صدر زرداري کي هٽائڻ ۾ 6 کان 8 مهينا لڳي سگهن ٿا. اوهان ٻڌو ٿا ته 27هين آئيني ترميم به اچي رهي آهي، ٿي سگهي ٿو ترميم هن ئي پارليامينٽ مان منظور ڪرائي وڃي ۽ منظوري کانپوءِ کوڙ اختيار صدر ڏانهن منتقل ڪيا وڃن، جڏهن صدر ڏانهن اختيار هليا ويندا پوءِ هڪ ڏينهن اها ڪوشش ڪئي وڃي ته صدر استعيفيٰ ڏئي، بهانو اهو هوندو ته صدر بيمار آهي. ملڪ ۾ جمهوريت مضبوط ٿيڻ گهرجي، اسان ٻاهرين جنگ کٽي ورتي آهي پر اندرين جنگ نه ٿيڻ گهرجي، سياسي معاملن کان اسٽيبلشمينٽ کي ٻاهر نڪرڻ گهرجي، جيڪي ادارا بچيا آهن انهن کي وڌيڪ ڪمزور نه ڪرڻ گهرجي پر مضبوط ڪرڻ گهرجي. اوهان عالمي سطح تي جيڪا عزت حاصل ڪئي آهي، پاڪستان ۾ جمهوريت کي مضبوط ڪرڻ گهرجي وڌيڪ تجربا نه ڪرڻ گهرجن. تجربيڪار سياستدانن مان ملڪ جي بهتري لاءِ ڪم وٺڻ گهرجي. 27هين ترميم ۾ اهو سڀ آهي جيڪو نئين نظام بابت آهي، وزيراعظم ته اڳ ئي قابلِ قبول آهي، هن سڀني کي خوش رکيو آهي پر صدر مسئلو آهي.