اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) ناڻي بابت صلاحڪار خرم شهزاد چيو آهي ته ملڪي ناڻي مٽاسٽا جي ذخيرن ۾ واڌ ٿي آهي ۽ اسٽيٽ بينڪ جا ذخيرا آءِ ايم ايف جي هدف کان وڌي ويا آهن.
مالي سال 25-2024 جي پڄاڻي تي انگ اکر پيش ڪندي خرم شهزاد ٻڌايو ته 30 جون تائين ملڪي ناڻي مٽاسٽا جا ذخيرا 14 ارب 50 ڪروڙ ڊالرن کان وڌي ويا آهن ۽ اسٽيٽ بينڪ جا ذخيرا آءِ ايم ايف جي هدف کان به وڌي ويا.
هن ٻڌايو ته گذريل مالي سال ذخيرن ۾ 5.12 ارب ڊالر واڌ ٿي، جنهن کانپوءِ مجموعي ذخيرا 14.51 ارب ڊالر ٿي ويا.
خرم شهزاد چيو ته ذخيرن ۾ واڌ قرض نه پر ملڪي معيشت جي بهتري جو نتيجو آهي، ذخيرن ۾ واڌ ۽ قرض گهٽجي رهيو آهي.
You might also like