غزا ۾ خوراڪ جي اوسيئڙي ۾ بيٺل بکايل فلسطينين تي سڌي ريت گوليون هلائڻ جو انڪشاف

غزا (ويب ڊيسڪ) آمريڪي سيڪيورٽي ڪنٽريڪٽرز طرفان خوراڪ جي اوسيئڙي ۾ بيٺل فلسطينين تي سڌي ريت گوليون هلائڻ جو انڪشاف ٿيو آهي.
آمريڪي خبر ايجنسي ايسوسي ايٽڊ پريس (اي پي) جي رپورٽ ۾ انڪشاف ٿيو آهي ته غزا ۾ امدادي مرڪزن تي مقرر آمريڪي سيڪيورٽي ڪنٽريڪٽرز خوراڪ لاءِ گڏ ٿيندڙ فلسطينين تي سڌي ريت گوليون هلايون، جڏهن ته پراسٽن گرينيڊز ۽ مرچ اسپري جو استعمال به ڪيو ويو.
رپورٽ موجب غزا ۾ مقرر ٻن آمريڪي ڪنٽريڪٽرز سڃاڻپ ظاهر نه ڪرڻ جي شرط تي ٻڌايو ته سيڪيورٽي عملو غير تربيت يافتا ۽ ڳري هٿيارن سان ليس هو.
آمريڪي ڪنٽريڪٽرز خبر ايجنسي کي ٻڌايو ته ڪو به خطرو نه هجڻ باوجود اهي قدم کنيا ويا ۽ انهن واقعن تي پريشان ٿي حقيقتون سامهون آڻي رهيا آهيون.
رپورٽ ۾ انڪشاف ڪيو ويو ته امدادي مرڪز ۾ چهري جي سڃاڻپ ڪندڙ ڪيمرائون به لڳل آهن، جن جي مدد سان شڪي ماڻهن جي سڃاڻپ ڪري ڄاڻ اسرائيلي فوج سان شيئر ڪئي ويندي آهي.
ڪنٽريڪٽرز موجب سيڪيورٽي اهلڪارن کي مبينا طور ڪنهن به شڪي شخص جي تصوير ڪڍڻ جي هدايت ڏني وئي هئي، جنهن کانپوءِ ان کي ڊيٽا بيس ۾ شامل ڪيو ويندو آهي.
هوڏانهن اسرائيلي حمايت يافته ۽ آمريڪي امداد سان هلندڙ غزا هيومينٽيرين فائونڊيشن انٽيليجنس گڏ ڪرڻ جي الزامن جي ترديد ڪئي آهي.
واضح رهي ته آمريڪي حڪومت غزا هيومينٽيرين فائونڊيشن نالي اداري کي گذريل مهيني 30 ملين ڊالر جي امداد فراهم ڪري چڪي آهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.