ڪراچي(رپورٽر)ڪراچي جي علائقي ڊفينس فيز 8 ۾ پوليس گشت دوران ڪارروائي ڪري 6 جعلي پوليس اهلڪار گرفتار ڪري ورتا،ايس ايس پي سائوٿ موجب، گرفتار ٿيل نوجوان پوليس جي وردي پائي ٽڪ ٽاڪ وڊيوز ٺاهي رهيا هئا ۽ پاڻ کي پوليس اهلڪار ظاهر ڪرڻ جي ڪوڙي دعويٰ پڻ ڪئي،پوليس ٻڌايو ته ملزمان وٽان ورديون ۽ موٽر سائيڪلون هٿ آيون آهن ۽ انهن خلاف قانوني ڪارروائي ڪندي مقدمو داخل ڪيو ويو آهي، ايس ايس پي سائوٿ جو وڌيڪ چوڻ هو ته پوليس جي وردي جو غلط استعمال ڪنهن به صورت ۾ برداشت نه ڪيو ويندو، ۽ هن معاملي بابت جاچ جاري آهي.