ڪراچي (رپورٽر)دهشتگردي جي خاص عدالت ڀارتي ڳجهي ايجنسي لاءِ ڪم ڪندڙ دهشتگردن کي عدالتي ريمانڊ تي جيل موڪلي ڇڏيو آهي، ڪراچي سينٽرل جيل ۾ دهشتگردي ڪمپليڪس جي خاص عدالت آڏو اسپيشل انويسٽيگيشن يونٽ پاران پيش ڪيل مهاڻن تي ڌماڪيدار مواد رکڻ جو الزام آهي، پيش ڪيل جوابدارن ۾محمد خان بوريي عرف گلو،اختر علي،جامين ملاح ۽ غلام قادر بورئي شامل آهن، عدالت ۾ جاچ آفيسر پاران وڌيڪ جسماني ريمانڊ جي درخواست ڪئي وئي،پر عدالت اها درخواست رد ڪندي جوابدارن کي عدالتي ريمانڊ تي جيل موڪلڻ جو حڪم ڏنو، پوليس موجب جوابدارن کي نيشنل هاءِ وي جي ويجهو گرفتار ڪيو ويو، انهن وٽان هٿيار ، بم ۽ هڪ آلٽو ڪار پڻ هٿ ڪئي وئي، پوليس سندن خلاف 7 مختلف ڪيس داخل ڪري ڇڏيا آهن.