ڪراچيءَ ۾ طوفاني برساتن بابت موسميات کاتي اهم بيان جاري ڪري ڇڏيو

ڪراچي(رپورٽر) موسميات کاتي ڪراچيءَ لاءِ سوشل ميڊيا تي وائرل ٿيندڙ چوماسي جي طوفاني برساتن جي اڳڪٿين کي  غير حقيقي قرار ڏيندي رد ڪري ڇڏيو آهي.ترجمان انجم نظير ضيغم چيو ته اسين جديد سسٽم ۽ مصنوعي ذهانت جي مدد سان موسم جي پل پل جي اڳڪٿي تيار ڪندا آهيون، موجوده حالتن موجب، ڪراچيءَ جو موسم عام رواجي آهي، آسمان تي ڪڪر رهندا آهن، ڪڏهن سج نڪرندو آهي، گهم جي شرح وڌيڪ هوندي آهي، ۽ وڌ کان وڌ گرمي پد 33 کان 35 ڊگري سينٽي گريڊ تائين رهي ٿو، هن چيو ته ايندڙ ٻن ڏينهن دوران ڏينهن جو وقت به بوندا باندي يا هلڪي برسات جي امڪان کان انڪار نٿو ڪري سگهجي، هن ٻڌايو ته هن موسمي سسٽم تحت ٿرپارڪر، ننگرپارڪر، مٺي ۽ ويجهڙن علائقن ۾ اڄ کان 5 جولاءِ تائين برسات جو امڪان آهي، جڏهن ته ڪراچيءَ ۾ هلڪي برسات يا بوندا باندي جو امڪان آهي، ترجمان جو چوڻ آهي ته 8 کان 11 جولاءِ تائين ڪراچيءَ ۾ وچولي شدت جي برسات ٿي سگهي ٿي.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.