ڪراچي (رپورٽر)سنڌ جي سينئر وزير شرجيل انعام ميمڻ چيو آھي تھ سنڌ سرڪار جي ترقياتي بجيٽ رڳو رقم جي تقسيم نھ پر عوامي زندگي کي بھتر بڻائڻ جو ھڪ ويزن آھي، 2025-26 جي ترقياتي بجيٽ پاڪستان پيپلز پارٽي جي عوام دوست پاليسين، چيئرمين بلاول ڀٽو ۽ صدر آصف علي زرداري جي ويزن جو تسلسل آھي. ھڪ بيان ۾ هن چيو ته تھ 1.018 ٽريلين رُپين جي تاريخ ساز بجيٽ پيش ڪري اسان ثابت ڪيو آھي تھ اسان رڳو واعدا نھ ڪندا آھيون پر عملي ڪم تي يقين رکندا آھيون، سنڌ سرڪار مالي سال 2025-26 جي لاءِ عوامي ضرورتن ۽ دائمي مسئلن کي نظر ۾ رکندي اھم ترقياتي رٿائن کي بجيٽ جو حصو بڻايو آھي.ھن چيو تھ ڊويزنل ھيڊڪوارٽرز حيدرآباد، سکر، لاڙڪاڻي، ميرپورخاص ۽ شھيد بينظير آباد جي لاءِ ست ست ارب رُپين جو ترقياتي پيڪيج فراھم ڪيو ويو آھي، ڊويزنل ھيڊڪوارٽرز ۾ روڊن جي بھتري، واٽر سپلاءِ، ڊرينيج، تعليم، صحت ۽ ٻين شھري سھولتن جا منصوبا مڪمل ڪيا ويندا. هن چيو تھ سنڌ پيپلز ھائوسنگ اسڪيم تحت ٻوڏ متاثرن لاءِ 21 لک گھر ٺاھڻ جو ڪم جاري آھي،