ڪراچي(م ڊ) ڇيپا ويلفيئر ايسوسيئيشن پاران جاري ڪيل تازي وڊيو ۾ باني رمضان ڇيپا طرفان نيڪي لڪائي ڪرڻ جي خواهش سوشل ميڊيا استعمال ڪندڙن کي حيران ڪري ڇڏيو آهي، وڊيو ۾ رمضان ڇيپا کي هڪ بيڪري کان ڪيڪ خريد ڪندي ڏيکاريو ويو آهي، ٿيو ايئن جو هڪ ٻار پنهنجي والد سان گڏ سالگرهه جو ڪيڪ وٺڻ آيو، ٻار کي مهانگو ڪيڪ پسند اچي ويو، پر سندس والد وٽ ايتري رقم نه هئي جو وٺي سگهي، جنهن تي رمضان ڇيپا بيڪري واري کي چيو ته مهرباني ڪري ان ٻار کي اهوئي مهانگو ڪيڪ ڏيو، رقم آئون ڏيان ٿو، ڪيڪ تي اهو به لکي ڇڏجو ته هي ڇيپا صاحب طرفان سالگرهه جو تحفو آهي، پر مهرباني ڪري کيس منهنجي باري ۾ بلڪل به نه ٻڌائجو، هي وڊيو سوشل ميڊيا تي وائرل ٿي وئي، پر نيڪي جي هن عمل بدران وڊيو جي پيشڪش ۾ موجود تضاد ماڻهن جو ڌيان ڇڪائي ورتو آهي، مٿس تنقيد به ٿي رهي آهي، ڪجهھ ماڻهن جو خيال آهي ته هي وڊيو ڪنهن سوشل ميڊيا انفلوئنسر جي لڳي ٿي، هڪ ٻي صارف مزاحيه انداز ۾ تبصرو ڪندي لکيو ته ڇيپا صاحب ٻاهر جو ويزا لڳرائي ڏيو، يقين ڪريو، مان ڪنهن کي به نه ٻڌائينديس ته ويزا توهان لڳرايو آهي!.