اسلام آباد(بيورو+پ ر)جماعت اسلامي جي امير حافظ نعيم الرحمان چيو آهي ته بجيٽ ۾ اشرافيه ۽ جاگيردارن کي نوازيو ويو آهي، حڪمران مراعتون، عيش عشرت ۽ پروٽوڪول گهٽائڻ لاءِ تيار نه آهن، عوام کي دٻايو پيو وڃي، ملڪ تي مافيا حڪومت ڪري رهي آهي، کنڊ ڪڻڪ جي برآمد ۽ درآمد جي راند ذريعي اربين رپيا لُٽيا پيا وڃن.ٽرمپ کان ڪشمير تي منصفانه ثالثي جي اميد رکڻ بيوقوفن جي جنت ۾ رهڻ جي برابر آهي. جيڪڏهن ڪو اسرائيل کي تسليم ڪرڻ جي همت ڪندو ته ان کي عوام جي طاقت سان شڪست ڏني ويندي. اسلام آباد ۾ پريس ڪانفرنس کي خطاب ڪندي هن چيو ته 26 هين ترميم کان پوءِ هر اداري تي ڪنٽرول مضبوط ڪيو پيو وڃي. عدليه کي مڪمل طور تي ماتحت ڪيو ويو آهي. مخصوص سيٽن تي سپريم ڪورٽ جو فيصلو جمهوري نظام ۾ تباهي آڻي رهيو آهي، اسيمبليون رٻڙ جي اسٽيمپ بڻجي ويون آهن، هن چيو ته تاثر اهو آهي ته پنجاب ۾ کير ۽ ماکي جون دريون وهي رهيون آهن، جڏهن ته پنجاب جي ڪيترن ئي شهرن ۾ برسات کان پوءِ سڀني روڊن تي پاڻي بيٺو هو. صوبائي حڪومت جي لاپرواهي سبب سوات ۾ شهري فوت ٿيا آهن. جيڪڏهن صوبائي حڪومت ڪم نه ڪري رهي آهي ته اين ڊي ايم اي ڪٿي آهي؟