دبئي (ويب ڊيسڪ) انٽرنيشنل ڪرڪيٽ ڪائونسل (آءِ سي سي) ٽيسٽ بيٽرز جي نئين رينڪنگ جاري ڪري ڇڏي، ٽاپ ڏهه جي فهرست ۾ پاڪستان جو ڪو به بيٽر جاءِ نه ٺاهي سگهيو.
آءِ سي سي موجب، ٽيسٽ فارميٽ ۾ بيٽرز جي فهرست ۾ انگلينڊ جو جوءِ روٽ پهرين نمبر تي موجود آهي، جڏهن ته ڀارت جو ريشڀ پنت هڪ درجو اڳتي وڌي ڇهين ۽ آسٽريليا جو ٽريوس هيڊ ٽي درجا بهتري سان ڏهين نمبر تي اچي ويو آهي.
بيٽرز رينڪنگ ۾ پاڪستان جو سعود شڪيل هڪ درجو وڃائڻ بعد 11هين نمبر تي هليو ويو آهي، جڏهن ته محمد رضوان ٽي درجا تنزيلي کانپوءِ 19هين نمبر تي اچي ويو آهي.
آءِ سي سي ٽيسٽ بالرن جي رينڪنگ ۾ ڀارت جو جسپريت بمرا جي پهرين پوزيشن برقرار آهي.
ڏکڻ آفريڪا جو ڪگيسو ربادا ٻئي ۽ آسٽريليا جو پيٽ ڪمنز ٽئين نمبر تي موجود آهي.
پاڪستان جو نعمان علي هڪ درجو هيٺ ڪِرندي چوٿين کان پنجين نمبر تي اچي ويو آهي.
آل رائونڊرڻ جي رينڪنگ ۾ ڀارت جي رويندرا جاڙيجا جي نمبر ون پوزيشن آهي.