لاهور(م ڊ) پنجاب جي سينيئر وزير مريم اورنگزيب ترديد ڪئي ۽ چيو ته ’جناح انسٽيٽيوٽ آف ڪارڊيالاجي، لاھور‘ جو نالو ’جناح انسٽيٽيوٽ آف ڪارڊيالاجي، لاھور‘ ئي آهي ۽ ڪنهن به قسم جي تبديلي تيغور ناهي. هن سرڪاري دستاويز شيئر ڪندي لکيو ته پنجاب حڪومت جي مالي سال 2025-26 جي سالياني ترقياتي پروگرام ۾ فنڊنگ ’جناح انسٽيٽيوٽ آف ڪارڊيالاجي‘ جي نالي سان ئي رکي وئي آهي. هن چيو ته دل جي بيمارين ۽ ٻين بيمارين جي عالمي معيار جي جديد علاج لاءِ نواز شريف ميڊيڪل ڊسٽرڪٽ ۾ 14 نوان اسپتال قائم ڪيا ويندا، جن جي منصوبابندي مڪمل ٿيڻ جي ويجهو آهي.