دشمن پاڻي کي هٿيار بڻائي ٿو، غير تڪراري پاڻي ذخيرن جي گنجائش وڌائڻي پوندي: وزيراعظم

 اسلام آباد(بيورو رپورٽ/م ڊ) وزيراعظم شهباز شريف چيو آهي ته اسان جو دشمن پاڻي کي هٿيار طور استعمال ڪرڻ جي ڪوشش ڪري رهيو آهي، پاڙيسري ملڪ (ڀارت) کي تازو عالمي عدالت ۾ شرمندگي کيمنهن ڏيڻو پيو، جتي عدالت اهو فيصلو ڏنو ته ڀارت 1960ع واري معاهدي سنڌ طاس کي نه ته معطل ڪري سگهي ٿو ۽ نه ختم. بدقسمتي سان انهن جا ارادا ناپاڪ ۽ خطرناڪ آهن. اسلام آباد ۾ نيشنل ايمرجنسي آپريشن سينٽر ۾ تقريب دوران وزيراعظم شهباز شريف خطاب ڪندي چيو ته ڀارت سنڌ طاس معاهدي تحت پاڪستان خلاف جيڪي قدم کڻڻ چاهي ٿو، ان جي جواب ۾ حڪومت فيصلو ڪيو آهي ته اسان پنهنجي وسيلن کي استعمال ڪندي ديامر ڀاشا ڊيم سميت ٻين منصوبن ۾ پاڻي جي ذخيري جي گنجائش وڌائينداسين. وزيراعظم وڌيڪ چيو ته تازو سوات ۾ آيل ٻوڏ دوران ڪيترين ئي قيمتي جانين جو نقصان ٿيو، سياست کي هڪ پاسي رکي اسان کي انهن حادثن جو ايمانداري سان جائزو وٺڻ گهرجي. جيڪڏهن اين ڊي ايم اي ان تي رپورٽ ناهي تيار ڪئي ته ترت ان واقعي جي سببن بابت رپورٽ تيار ڪئي وڃي. هن ٻڌايو ته انهن واقعن ۾ 49 ماڻهو فوت ۽ ڪيترائي زخمي ٿيا، پوري قوم انهن افسوسناڪ واقعن تي ڏک ۾ مبتلا هئي. اهڙين حالتن کي روڪڻ لاءِ پي ڊي ايم ايز (صوبائي ڊيزاسٽر مينيجمينٽ اٿارٽيز) ۽ صوبائي حڪومتن سان گڏجي هڪ گڏيل حڪمت عملي تيار ڪئي وڃي، ته جيئن اهڙن سانحن کان بچي سگهون. شهباز شريف چيو ته نيشنل ڊيزاسٽر مينيجمينٽ اٿارٽي هڪ اهم ۽ گهڻ مقصدن واري قومي اداري جي حيثيت رکي ٿي، 2022 جي بدترين ٻوڏ کان پوءِ NDMA کي جديد طريقي سان ترتيب ڏنو ويو. انهي ٻوڏ سبب سوين ايڪڙن تي بيٺل فصل تباهه ٿيا ۽ بيشمار گهرن کي نقصان پهتو. وزيراعظم چيو ته اسان جو گرين هائوس گيسز جي نيڪال ۾ حصو تمام گهٽ آهي، تنهن هوندي به موسمياتي تبديلي کي مدنظر رکي تعميرات ضروري آهن، ۽ ان حوالي سان اين ڊي ايم اي تي وڏي ذميواري عائد ٿئي ٿي. هن وڌيڪ چيو ته سماجي ۽ معاشي ترقي جا هدف حاصل ڪرڻ لاءِ ڪوششن کي تيز ڪرڻو پوندو، جڏهن ته قدرتي آفتن سان نبرڻ لاءِ قومي اداري جي صلاحيتن ۾ واڌ ڪئي ويندي. آخر ۾ هن چيو ته بدقسمتي سان پاڪستان انهن ملڪن مان آهي جيڪي موسمياتي تبديلين کان سخت متاثر ٿين ٿا. اين ڊي ايم اي پاران جديد ٽيڪنالاجي جي حصول ۽ بروقت معلومات جي فراهمي لاءِ ورتل قدم قابل تعريف آهن.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.