سوشلسٽ ظهران ممداني خلاف ڀارت ۽ اسرائيلي لابيون سرگرم

اسلام آباد (ابصار عالم) نيويارڪ جي ميئر لاءِ ڊيموڪريٽڪ پارٽي جو مسلمان اميدوار ظهران ممداني آمريڪي ڀارتي ۽ اسرائيلي لابين جي تنقيد جو نشانو بڻيل آهي. آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ کيس سوشلسٽ، ريڊيڪل ۽ چريو قرار ڏيندي خبردار ڪيو آهي ته جيڪڏهن هو ميئر بڻيو ۽ صحيح ڪم نه ڪيائين ته نيويارڪ جا وفاقي فنڊ روڪي سگھجن ٿا. ظهران، يوگنڊا ۾ ڄائو، هڪ مارڪسسٽ نظريو رکندڙ آهي، جنهن نيتن ياهو، مودي، ۽ ريپبلڪن پاليسين تي تنقيد ڪئي آهي. هن نيويارڪ ۾ ڪراين کي فريز ڪرڻ، في ڪلاڪ اجرت $30 ڪرڻ، ۽ يوٽيلٽي اسٽورن جي واعدن ساناليڪشن مهم هلائي آهي. هو آمريڪا جي تاريخ ۾ نيويارڪ لاءِ چونڊيل پهريون مسلمان ميئر اميدوار آهي، جنهن جي ماءُ فلم ڊائريڪٽر ميرا ناير ۽ پيءُ ماهر تعليم محمود ممداني آهي. نومبر جي چونڊن ۾ سندس ڪاميابي تاريخي حيثيت رکي سگهي ٿي.

نوٽ: هي تجزيو روزاني عوامي آواز، اربع 02  جولاءِ  2025ع تي شايع ٿيو

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.