مريد شاخ ڀرسان قبرستان پهتل نوجوان فائرنگ ۾ قتل، سندس امڙ زخمي

اوٻاوڙو(ن ع آ) مريد شاخ لڳ کنڀڙا ٿاڻي جي حد ۾ پراڻي سڱاوتي تڪرار تان ڪورائي برادري جي ٻن ڌرين ۾ جهيڙو ٿي پيو، جنهن دوران فائرنگ ۾ 35 ورهين جو محمد آصف پٽ اڪبر ڪورائي موقعي تي قتل ٿي ويو، جڏهن ته سندس امڙ سڪينه ڪورائي سخت زخمي ٿي پئي، اطلاع تي کنڀڙا پوليس واقعي واري ھنڌ پھچي فوتي جي مڙھ ۽ زخمي عورت کي تعلقه اسپتال اوٻاوڙو پهچايو، جتي فوتي جو لاش پوسٽ مارٽم بعد وارثن حوالي ڪيو ويو ۽ زخمي عورت کي فرسٽ ايڊ ڏيڻ بعد ڳڻتي جوڳي حالت ۾ سکر اسپتال ريفر ڪيو ويو، ان موقعي تي فوتي جي وارثن ٻڌايو ته اسان ڪچو ٻنڊي جا رهواسي آهيون، مقتول نوجوان محمد آصف پنهنجي امڙ سان گڏ موٽر سائيڪل تي مغل شاھ قبرستان ۾ پنهنجي وڏڙن کي ايثال ثواب لاءِ دعا گھرڻ ۽ قبرن جي مرمت لاءِ پھتا ته اتي اڳ ۾ لڪي ويٺل عالم، بلخ شير ڪورائي ۽ ٻين فائرنگ ڪري اسان جي نوجوان کي قتل ڪري ڇڏيو ۽ سندن جي والده کي گوليون ھڻي زخمي ڪري فرار ٿي ويا، برادري سان سڱاوتي تڪرار هلي رهيو هو اسان سان ظلم ٿيو آهي جوابدارن کي گرفتار ڪري اسان سان انصاف ڪيو وڃي، آخري اطلاعن تائين واقعي جو ڪيس داخل نه ٿي سگهيو ۽ نه ئي ڪا گرفتاري عمل ۾ اچي سگهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.