ملير (ڊ ر) ايم اين اي نبيل گبول چيو آهي ته گبول برادري جي ٽن نوجوانن کي پوليس بيگناهه قتل ڪيو آهي، جنهن جا وڊيو ثبوت موجود آهن جنهن ۾ نوجوانن کي پڪڙي قتل ڪيو پيو وڃي، اهڙي واقعي جي سخت لفظن ۾ مذمت ڪيان ٿو، جيڪڏهن مقتول نوجوانن جي وارثن سان انصاف نه ٿيو ته سخت احتجاج ڪيو ويندو، اهڙن خيالن جو اظهار هن ڪورنگي پوليس جي مبينا مقابلي ۾ مارجي ويل ٽن نوجوانن جي وارثن سان تعزيت بعد ميڊيا سان ڳالهائيندي ڪيو، هن چيو ته هڪ نوجوان کي روڊ حادثي ۾ زخمي ٿيڻ بعد ايمبولينس مان لاهي رستي ۾ ئي گوليون هڻي قتل ڪيو ويو جڏهن ته ٻن نوجوانن کي ڪوڙو مقابلو ڄاڻائي قتل ڪيو ويو آهي، مون ان سلسلي ۾ گهرو وزير ۽ ڪراچي پوليس چيف سان رابطو ڪيو جنهن دوران انهن هڪ هفتي جو وقت گهريو هو، هن وڌيڪ چيو ته ڪراچي ۾ بدامني جي باهه پکڙجي وئي آهي، شهري غير محفوظ بڻيل آهن، ڪچي ۾ ڌاڙيل ۽ شهر ۾ ڦورو سرعام گهمي رهيا آهن، پوليس جي رٽ ڪٿي به نظر نٿي اچي، هونئن ته قومپرست اڳواڻ وڏيون ڳالهيون ۽ تقريرون ڪندا آهن پر مقتول جي وارثن وٽ تعزيت لاءِ به نه آيا آهن نوجوانن کي بيگناهه ڪيستائين قتل ڪيو ويندو اسان اهڙي نظام کي ڪنهن به صورت ۾ قبول نه ڪنداسين، جيڪڏهن مقتول جي قتل ۾ ملوث پوليس اهلڪارن خلاف ڪارروائي نه ڪئي وئي ته ڪراچي، پنجاب ۽ بلوچستان جي مک شاهراهن تي ڌرڻو هڻي ويهي رهنداسين.