پاڪستان گڏيل قومن جي سلامتي ڪائونسل جو سربراهه بڻجي ويو

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير اسحاق ڊار چيو آهي ته پاڪستان جولاءِ 2025 لاءِ گڏيل قومن جي سلامتي ڪائونسل جي صدارت سنڀالي ورتي آهي.
اسحاق ڊار چيو ته عالمي تڪرارن ۽ انساني بحرانن جي هڪ اهم موقعي تي پاڪستان کي قيادت ملي آهي، پاڪستان سلامتي ڪائونسل کي اثرائتن ۽ سفارت تي ٻڌل فيصلن ڏانهن وٺي وڃڻ جو عزم رکي ٿو، ان موقعي تي گڏيل قومن ۽ او آءِ سي وچ ۾ سهڪار تي هڪ اعليٰ سطحي اجلاس جي صدارت به پاڪستان ڪندو.
هن چيو ته امن ۽ سلامتي، تڪرارن جي حل تي اهم صحيحن جون تقريبون پاڪستان جي صدارت هيٺ ٿينديون، فلسطين مسئلي تي کليل مباحثي جي صدارت به پاڪستان ڪندو.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.