اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) معاشي ۽ دفاعي تجزئي نگار سردار فهيم جي قتل ڪيس ۾ ٻن جوابدارن کي گرفتار ڪيو ويو.
مملڪتي گهرو وزير طلال چوڌري سان گڏ پريس ڪانفرنس ڪندي آءِ جي اسلام آباد چيو ته جوابدارن کي گوجرانوالا ۽ سرگوڌا مان گرفتار ڪيو ويو، اهي عادي ڏوهاري هئا، جن ريڪي ڪري ڏٺو ته ڪهڙي گهر ۾ اچ وڃ گهٽ هوندي آهي.
هن ٻڌايو ته جوابدار ڦر جي نيت سان گهر ۾ داخل ٿيا، جوابدار مزاحمت دوران سردار فهيم کي لوهه جي شيخ هنئي، سردار فهيم جو قتل ٽيسٽ ڪيس هو، 6 ڏينهن ۾ اسان ڪيس کي انجام تي پهچائي ڇڏيو.
You might also like