بجيٽ ۾ اشرافيه لاءِ وڌيڪ مراعتون سواليه نشان؟

ڪراچي / اسلام آباد (مهتاب حيدر+وقار گيلاني) مالي سال 2024-25 جي پڄاڻي ٿي وئي، سرڪاري ادارن جي ڪارڪردگي ۽ حڪومت جي پاليسين تي سوال اٿڻ شروع ٿي ويا. اهم معاشي اشارن، جهڙوڪ ايف بي آر جي ٽيڪس گڏ ڪرڻ واري ڪارڪردگي، گئس ۽ بجلي جي اگهن ۾ واڌ، ۽ اشرافيه لاءِ نون رعايتن جي انڪشافن سڄي ملڪ کي ڇرڪائي ڇڏيو آهي.ايف بي آر جو ٽارگيٽ به نه پورو حڪومت کي هڪ وڏي مالي خساري کي منهن ڏيڻو پيو آهي. تجزيي مطابق، هي شارٽ فال ٽيڪنيڪي نه، پر حڪومتي نااهلي ۽ پاليسين جي غلط رخ جي نتيجي ۾ آهي.مڊل ڪلاس مٿان ٽيڪسن جو بار – اشرافيه لاءِ ڇوٽ جڏهن ته ملازمت پيشه، وچولي طبقي ۽ ننڍن ڪاروبار ڪندڙ ماڻهن تي براہ راست ٽيڪسن جو بار وڌايو ويو آهي، اشرافيه ۽ بااثر طبقي لاءِ خاص رعايتون متعارف ڪرايون ويون آهن،سابق صدرن ۽ سندن بيواهن جي پنشن تي مڪمل ٽيڪس ڇوٽ ڏني وئي آهي.ڪرنداز پاڪستان” نالي تنظيم، جيڪا اصل ۾ ملينڊا گيٽس فائونڊيشن جي فنڊنگ تي هلي رهي آهي ۽ ايف بي آر جي ڊجيٽلائيزيشن لاءِ ڪم ڪري رهي آهي، ان کي به 2015 کان ٽيڪس ڇوٽ ڏني وئي آهي، فوج سان لاڳاپيل ادارن کي به ٽيڪس ڇوٽ ڏني وئي آهي، پوليس ويلفيئر فائونڊيشن خاص طور تي پنجاب پوليس  لاءِ به ٽيڪس ڇوٽ جو اعلان ٿيو آهي، جنهن بابت ٻڌايو ويو ته ان جا سو کان وڌيڪ پيٽرول پمپ آهن.

نوٽ: هي تجزيو روزاني عوامي آواز، اڱارو01  جولاءِ  2025ع تي شايع ٿيو

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.