ججن کي فيصلا ڪنهن ٻئي هنڌان ملي رهيا آهن: شاهد خاقان

اسلام آباد(م ڊ) اڳوڻي وزيراعظم ۽ عوام پاڪستان پارٽي جي سربراهه، شاهد خاقان عباسي جو چوڻ آهي ته سپريم ڪورٽ جي ججن کي فيصلا ٻئي هنڌان ملي رهيا آهن، مختلف ٽي وي انٽرويوز ۾ هن چيو ته جيڪڏهن سپريم ڪورٽ جي ججن کي فيصلا ٻيا ماڻهو لکي ڏئي رهيا هجن ته پوءِ ملڪ جو نظام، آئين ۽ قانون سڀ ختم ٿي چڪا آهن، هن چيو ته سپريم ڪورٽ طرفان مخصوص سيٽن بابت ڏنل فيصلو تاريخ ڪڏهن به قبول نه ڪندي ۽ هي فيصلو پاڪستان جي تاريخ جو سڀ کان وڌيڪ تڪراري فيصلو تصور ڪيو ويندو، هن چيو ته عوام عمران خان سان گڏ بيٺل آهي، هر اهو سياستدان جنهن جي پويان عوام هوندي آهي، اهو ثابت قدمي سان جيل به ڪاٽي وٺندو آهي، عمران خان کي پيرول تي آزاد ڪيو وڃي، کيس ويهاري ڳالهيون ڪيون وڃن.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.