ڪراچي (ويب ڊيسڪ) ڪراچي جي ميئر مرتضيٰ وهاب چيو آهي ته ڪي ايم سي جي سمورين پارڪنگ سائٽس تي سڀاڻي کان پارڪنگ مفت هوندي.
مرتضيٰ وهاب چيو ته 106 مرڪزي روڊن مان 46 تي پارڪنگ فيس مڪمل طور ختم ڪئي وئي آهي، پارڪنگ جي نالي تي غير قانوني پيسا وٺندڙن خلاف ڪارروائي ٿيندي، اهو فيصلو عوامي مفاد ۾ ڪيو ويو آهي.
هن چيو ته پارڪنگ فيس جو بار شهرين تان هٽايو ويندو، ڪي ايم سي کي 4 کان 5 ڪروڙ رپين جي پارڪنگ فيس جي ضرورت ناهي.
واضح رهي ته مرتضيٰ وهاب هلندڙ سال فيبروري ۾ پارڪنگ مفت ڪرڻ جو اعلان ڪيو هو.
اختيارين جو چوڻ آهي ته ڪنٽونمينٽ بورڊز ۾ پارڪنگ فيس جو فيصلو اڃا تائين ناهي ٿيو.
You might also like