ڪراچي: سرڪاري ملازمن جو احتجاج شدت اختيار ڪري ويو، پوليس سان چڪريون، ڪيترائي گرفتار

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) سنڌ ايمپلائيز الائنس پاران پگهارن ۽ پينشن ۾ واڌ جي مطالبي لاءِ ڪراچي ۾ احتجاج جاري آهي، حڪومت سان ڳالهيون ناڪام ٿيڻ بعد احتجاج ڪندڙن ريڊ زون ڏانهن اڳڀرائي ڪئي ته ڇڪتاڻ پيدا ٿي وئي ۽ پوليس 20 ڄڻن کي حراست ۾ وٺي ڇڏيو.
ڪراچي پريس ڪلب آڏو سرڪاري ملازمن جي اتحاد پاران احتجاج ڪيو ويو ۽ احتجاج ڪندڙ ڪندڙن ريڊ زون ڏانهن وڌڻ جي ڪوشش ڪئي ته پوليس کين لٺبازي، ڳوڙها آڻيندڙ گيس ۽ واٽر ڪينن ذريعي روڪڻ جي ڪوشش ڪئي، جڏهن ته مڇريل ماڻهن طرفان پوليس تي پٿراءُ به ڪيو ويو.
احتجاج ڪندڙ صوبائي حڪومت خلاف سخت نعريبازي ڪندا رنڊڪون پار ڪري ريڊ زون تائين پهچي ويا ۽ ڌرڻو هنيو، ان تي پوليس ٻيهر شيلنگ ڪئي، جنهن سبب اتي موجود عام شهري به متاثر ٿيا ۽ ڪيترن جي حالت خراب ٿي وئي، جڏهن ته هڪ عورت پوليس اهلڪار جي طبعيت به بگڙي وئي، جنهن کي اسپتال منتقل ڪيو ويو.
احتجاج ڪندڙن جي اڳڀرائي روڪڻ لاءِ روڊن کي رنڊڪون بيهاري بند ڪري ڇڏيو، جنهن سبب آءِ آءِ چندريگر روڊ سميت ڪيترين ئي شاهراهن تي بدترين ٽريفڪ جام ٿي وئي.
پوليس ڪريڪ ڊائون ڪندي 20 کان وڌيڪ احتجاجين کي گرفتار ڪري ٿاڻي منتقل ڪري ڇڏيو.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.