ڏسڻ ۾ سادي پر قيمت لکن ۾، ڪولهاپوري چپل نئون بحث ڇيڙي ڇڏيو

پرادا پاران ڪولهاپوري چپل جو عالمي فيشن ۾ تعارف، اگهه 3 لک 36 هزار رُپيا، سوشل ميڊيا تي بحث ڇڙي ويو
ڪراچي (ويب ڊيسڪ) اٽلي جي مشهور فيشن برانڊ پرادا پنهنجي نئين ”اسپرنگ/سمر 2026“ ڪليڪشن سان انٽرنيٽ تي حيرت ۽ بحث جو طوفان برپا ڪري ڇڏيو.
ان نئين ڪليڪشن ۾ هڪ اهڙو فيشن آئٽم شامل هو، جيڪو روايتي ته آهي پر ان جو اگهه ٻڌي هر ڪو حيران ٿي ويو، اها آهي ڪولهاپوري چپل، جنهن جي قيمت 3 لک 36 هزار رُپيا في جوڙي رکي وئي آهي.
ڪولهاپوري چپل، جيڪا عام طور تي هڪ سادي جوتي طور سڃاتي ويندي آهي، هاڻي پرادا پاران لگزري فيشن طور عالمي سطح تي متعارف ڪرائي وئي آهي، ان نئين فيشن آئٽم نه رڳو مقامي پر عالمي سطح تي به فيشن جي شوقينن جو ڌيان ڇڪايو آهي.
پرادا پنهنجي ڪليڪشن ۾ ايشيائي ثقافت سان متاثر ڊيزائنز کي عالمي فيشن جي دنيا ۾ متعارف ڪرايو آهي، جنهن ۾ 56 منفرد انداز شامل هئا.
ان ۾ برائون چمڙي جون جيڪيٽون، گري سوٽس، چينو پينٽس سان گڏ هٿ سان تيار ڪيل ڪولهاپوري چپل شامل هئي.
ان فيشن شو ۾ ڪولهاپوري چپل کي هڪ مهانگي فيشن آئٽم طور پيش ڪيو ويو، شو ۾ چئن ماڊلز کي اها ئي ڪولهاپوري چپل پاتل هئي، جنهن جي قيمت 3 لک 36 رپيا هئي، جنهن انٽرنيٽ تي زبردست بحث کي جنم ڏنو.
انهن جوتن جي قيمت انٽرنيٽ واهپيدارن کي حيرت ۾ مبتلا ڪري ڇڏيو ۽ فيشن جي دنيا ۾ ان تي مختلف راءِ جو اظهار ڪيو پيو وڃي.
ڪجهه ماڻهو سوال اٿاري رهيا آهن ته اها معمولي چپل ايڏي مهانگي ڪيئن ٿي سگهي ٿي؟

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.