جوان نظر اچڻ لاءِ انجيڪشن جو استعمال، شيفالي زريوالا جي موت بابت ڇرڪائيندڙ انڪشاف

ممبئي (ويب ڊيسڪ) ”ڪانٽا لَگا گرل“ طور شهرت ماڻيندڙ ڀارتي اداڪارا ۽ ماڊل شيفالي زريوالا 27 جون تي اوچتو 42 ورهين جي ڄمار ۾ ديهانت ڪري وئي .
پرڏيهي ميڊيا رپورٽس موجب، کيس ممبئي ۾ سندس رهائشگاهه کان اسپتال منتقل ڪيو ويو، جتي ڊاڪٽرن سندس موت جي تصديق ڪئي.
اسپتال عملي تصديق ڪئي ته شيفالي اسپتال پهچڻ کان اڳ ئي دم ڏئي چڪي هئي.
شروعاتي رپورٽن ۾ سندس موت جي امڪاني سبب طور دل جو دورو ڄاڻايو ويو، پر اڃا تائين اختياريون موت جو حتمي ڪارڻ ڳولي رهيون آهن.
شيفالي جي ذاتي ڊاڪٽر جيڪو ڪيترن ئي سالن کان سندس علاج ڪندو رهيو، ڀارتي ميڊيا سان ڳالهائيندي ٻڌايو ته شيفالي کي ڪنهن به سنجيده طبي مسئلي جو شڪار نه هئي.
سندس چوڻ هو ته شيفالي ان جي ابتڙ هوءَ گذريل 5 کان 6 سالن کان فٽنيس ۽ نوجوان نظر اچڻ لاءِ اينٽي ايجنگ علاج ڪرائي رهي هئي.
ڊاڪٽر جو چوڻ هو ته شيفالي کي دل جي ڪائي بيماري نه هئي ۽ نه ئي هن ڪڏهن دل جي علاج بابت ڪا دوا ورتي، هوءَ رڳو جسماني طور صحتمند رهڻ ۽ پنهنجي عمر کان گهٽ نظر اچڻ لاءِ مخصوص ٽريٽمينٽ ۽ دوائون واپرائي رهي هئي .
پوليس جي شروعاتي رپورٽن موجب، شيفالي باقاعدگي سان نيراني اينٽي ايجنگ انجڪشن لڳائيندي هئي ۽ 27 جون واري ڏينهن به هن منجهند ڌاران به اينٽي ايجنگ انجڪشن لڳائي هئي جنهن کانپوءِ هوءَ ڪنبڻ لڳي ۽ بيهوش ٿي وئي.
پرڏيهي ميڊيا جو چوڻ آهي ته بيهوشي کانپوءِ کيس ترت اسپتال نيو ويو، پر اتي پهچڻ کان اڳ ئي هوءَ فوت ٿي چڪي هئي.
رپورٽن موجب، پوليس شيفالي جي گهر مان سندس سموريون استعمال هيٺ دوائون ضبط ڪري ڇڏيون آهن.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.