ايشيا ڪپ ڀارت ۾ نه ٿيندو، نئين وينيو بابت فيصلو ٿي ويو

دبئي (ويب ڊيسڪ) هلندڙ سال سپٽيمبر ۾ ايشائي ٽيمن جو مها ميلي ” ايشيا ڪپ “ جي وينيو بابت فيصلو ٿي ويو آهي.
ذريعن موجب، مينز ايشيا ڪپ 2025ع دبئيءَ ۾ ڪرائڻ جو فيصلو ڪيو ويو آهي.
ذريعن جو چوڻ آهي ته معاملن کي حتمي شڪل ڏني پئي وڃي، ايشيا ڪپ ٽي ٽوئنٽي فارميٽ تحت کيڏيو ويندو، ٽورنامنيٽ جي ميزباني هن دفعي ڀارت وٽ آهي.
ذريعن جو چوڻ آهي ته ايشيا ڪپ کان اڳ ٽه ملڪي سيريز لاءِ پاڪستان، افغانستان ۽ يو اي اي بورڊن وچ ۾ ڳالهيون جاري آهن.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.