پشاور (ويب ڊيسڪ) خيبر پختونخواهه جي اطلاعات بابت صلاحڪار بيرسٽر سيف چيو آهي ته سوات واقعي جي ذميوارن خلاف ڪارروائي ڪئي پئي وڃي.
هن پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري، سنڌ جي وڏي وزير مراد علي شاهه، وزيراعليٰ پنجاب مريم نواز نالي پيغام ۾ چيو ته سوات جو واقعو انتهائي افسوسناڪ آهي، اسان کي افسوس آهي، ذميوارن خلاف ڪارروائي ڪري رهيا آهيون، انهن کي انجام تي پهچائينداسين.
سندس وڌيڪ چوڻ هو ته جنهن ڏينهن اهو واقعو ٿيو، ان ئي ڏينهن سوات درياهه مان 80 ماڻهن کي بچايو ويو، درياهه سوين ڪلو ميٽر ڊگهو آهي، حادثي واري ڏينهن موسم خراب هئي ۽ هيلي ڪاپٽر حادثي جو شڪار ٿي پئي سگهيو.
بيرسٽر سيف وزيراعليٰ پنجاب مريم نواز کان پاڪپتن جي ڊسٽرڪٽ اسپتال ۾ پيش آيل واقعي تي استعيفيٰ جو مطالبو ڪندي چيو ته پاڪ پتن جي اسپتال ۾ آڪسيجن جي کوٽ سبب ٻارن جي موت تي مريم نواز استعيفيٰ ڏئي، مريم نواز کي پنجاب ۾ مرندڙ ماڻهو نظر نه پيا اچن، هوءَ پنهنجي صحت جي شعبي تي ڌيان ڏئي.
Prev Post
You might also like