اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) حڪومت پي ٽي وي فيس ختم ڪرڻ کانپوءِ بجلي واهپيدارن کي هڪ ٻيو رليف ڏيڻ جو فيصلو ڪيو آهي.
حڪومت طرفان گهريلو واهپيدارن لاءِ بجلي جي بلن ۾ شامل اليڪٽريسٽي ڊيوٽي ختم ڪرڻ جو فيصلو ڪيو ويو آهي.
ان حوالي سان توانائي واري وزير اويس لغاري سڀني وڏن وزيرن کي خط لکي ڇڏيا، جنهن ۾ چيو ويو آهي ته جولاءِ 2025 کان بجلي بلن ذريعي صوبائي ”اليڪٽريسٽي ڊيوٽي“ جي وصولي بند هوندي.
خط ۾ چيو ويو آهي ته بجلي جي بلن ۾ ٽيڪسن جو بار گهٽ ڪرڻ چاهيون ٿا، بلن ۾ مختلف چارجز ۽ ڊيوٽين سبب واهپيدار پريشاني جو شڪار آهن.
خط ۾ وفاقي وزير بجلي جا اگهه گهٽائڻ جا حڪومتي قدم به اجاڳر ڪيا، خط ۾ هن آءِ پي پيز معاهدن تي نظرثاني، سرڪاري پاور پلانٽس جو ROE گهٽ ڪرڻ تي ڪم جاري رکڻ جو ذڪر ڪيو.
اويس لغاري لکيو ته بل رڳو بجلي جي اصل خرچ کي ظاهر ڪندا، اهو ئي اسان جو هدف آهي، صوبا متبادل ذريعن سان ڊيوٽي وصولي جا طريقا تجويز ڪن.
وفاقي وزير چيو ته حڪومت واڌو چارجز جو خاتمو ۽ واهپيدارن کان بلن ذريعي رڳو بجلي جي قيمت وصول ڪرڻ چاهي ٿي.
Next Post
You might also like