اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) حڪومت مهانگائي جي ماريل عوام تي پيٽرول بم ڪيرائڻ جي تياري ڪري ورتي ۽ پهرين جولاءِ کان تيل اگهن ۾ وڏي واڌ جو امڪان آهي.
پيٽروليم شين جي اگهن ۾ ايندڙ 15 ڏينهن لاءِ 15 رپيا في ليٽر تائين وڏي واڌ جو امڪان آهي.
پيٽروليم ذويزن ذريعن موجب ڊيزل جي قيمت ۾ 15 رپيا في ليٽر ۽ پيٽرول جي قيمت ۾ 11 رپيا في ليٽر تائين واڌ جو امڪان آهي.
تيل اگهن جي حوالي سان اوگرا اڄ پيٽروليم وزارت کي سمري موڪليندي، نون اگهن جو اعلان اڄ رات ڪيو ويندو.
ناڻي واري وزارت، وزيراعظم جي مشاورت سان نون اگهن جو حتمي اعلان ڪندي.
واضح رهي ته عالمي مارڪيٽ ۾ ڪچي تيل جي اگهه ۾ واڌ ۽ رپئي جي قدر ۾ گهٽتائي سبب پيٽروليم شين جا اگهه وڌڻ جو امڪان آهي.
You might also like